نوشهروفيروز ۾ ڪرپشن جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز ۾ ڪرپشن جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهروفيروز کان ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي اڳواڻي ۾ 9 ڊسمبر تي ڪرپشن خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ لاءِ هڪ آگاهي ريلي جو انعقاد ڪيو ويو. ريلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن رتو خان جلباڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر II عبدالوحيد عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ارباب علي اجڻ، ڊي اي او پرائمري مسعود احمد سهتو، انفارميشن آفيسر قمر الزمان ڀنڀرو، ضلعي آفيسر پلاننگ غلام بشير ملاح، سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد حسين ميمڻ، تعليم، صحت، لوڪل گورنمينٽ، روينيو ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم چيو ته گڏيل قومن جو ادارو هر سال هي ڏينهن ملهائيندو آهي ۽ هن سال جو موضوع ڪرپشن خلاف نوجوان کي گڏ ڪرڻ آهي. مقصد هن پروگرام ۾ اسان جي نوجوان نسل کي شامل ڪري ڪرپشن کي ختم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا مان، خاص طور تي پاڪستان مان ڪرپشن کي ختم ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته ڪرپشن خلاف آواز اٿارڻ تمام ضروري آهي. ڪرپشن جا ڪيترائي قسم آهن، جن ۾ سوچ جي ڪرپشن، پئسن جي ڪرپشن ۽ ٻيون ننڍيون ڪرپشنون شامل آهن. اڄ اسان عهد ڪريون ٿا ته اسان سڀ گڏجي ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪنداسين. ڪرپشن صرف سرڪاري يا خانگي آفيسن ۾ نه پر اسان جي سماج ۾ به موجود آهي، جنهن لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز ۾ ڪرپشن خلاف منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان اسان جا مستقبل جا اڳواڻ آهن ۽ انهن کي اسان جي ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري اڳتي وٺي ھلڻو آهي، تنهن ڪري نوجوانن ۾ ڪرپشن خلاف شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪرپشن ذريعي هڪ ٻئي تي اعتماد جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي.