درگاھ لنواري شريف ۾ فيض محمد ڪوريجو جي ورسي ملھائڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ درگاھ لنواري شريف جي مريدن ۽ عقيدتمندن طرفان درگاھ لنواري شريف ۾ فيض محمد ڪوريجو جي ورسي ملھائڻ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان سلسلو ۾ درگاهه لنواري شريف جي مريدن ۽ عقيدت مندن طرفان محمد علي جوڻيجو، گلاب راءِ ، اجيت ڪمار، محمد عثمان، پنھل جوڻيجو سان گڏ ﷲ ڏنو ڀيڄو فقير، محمد حسن جوڻيجو ۽ احسان جوڻيجو ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ڌار ڌار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته درگاهه لنواري شريف جي 7 سجادھ نشين خواجه گل حسن قدس سرھ جي وصال بعد فيض محمد ڪوريجي سجادھ نشيني جي ڪوڙي دعویٰ ڪئي ۽ درگاهه جي ملڪيت تي پڻ قبضي جي ڪوشش ڪئي. هنن چيو ته درگاهه لنواري شريف جي مريدن ۽ عقيدت مندن جي اڪثريت خواجه گل حسن قدس سرهه جي ڏوهٽي پير محمد حسن ثاني کي 8 سجاده نشين تسليم ڪري ٿي. ھنن چيو ته قاضي احمد واسي فيض محمد ڪوريجو جو پٽ محمد صادق ڪوريجو پاڻ کي جانشين طور پيش پيو ڪري. ھنن چيو ته درگاھ جي گادي نشين ھئڻ جو دعويدار فيض محمد ڪوريجو جي لنواري شريف بجاءِ قاضي احمد ۾ تدفين ٿيل آهي، پر پاڻ کي درگاھ جو جانشين سمجھندڙ محمد صادق ڪوريجو ۽ سندس پوئلڳ فيض محمد ڪوريجو جي ورسي تقريب 9 ڊسمبر تي درگاھ لنواري شريف ۾ منعقد ڪرڻ چاھين پيا، جيڪو عمل غير اخلاقي آھي ۽ اھڙي عمل سان ٻيھر فساد ۽ خونريزي ٿيڻ جو امڪان آهي. هنن وڏي وزير، گھرو وزير ۽ آء جي سنڌ سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته درگاھ لنواري شريف ۾ خوني ريزي ڪرائڻ واري سازش کي ٻنجو ڏئي فيض محمد ڪوريجو جي ورسي تقريب لنواري شريف ۾ ڪرائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.ان موقعي تي سريش ڪمار، عبدالرحمان، سائينداد، شمس الدين، امداد، عمران جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. هوڏانهن ناجيہ ۽ نشات اڳواڻن ڪريم بخش جوڻيجو، حيدر بخش جوڻيجو، عبدالوحيد جوڻيجو، امجد حسین مسڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درگاھ لواري شريف جا مريد هر سال قبلا فيض محمد قريشي جن جو ساليانو عرس شريف درگاھ لنواري شريف تي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندا آهيون ھن سال به ملهائيندا سين ڪنهن کي ڪو به اعتراض نه هجڻ گھرجي.
0 تبصرے