ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي گذريو

سڀ يوسي آفيسر پنھنجن علائقن ۾ صفائي جي شيڊول تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائين: نويد الرحمان لاڙڪ

ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي گذريو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلع عمرڪوٽ جي سڀني يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين، ٽائون آفيسرن ۽ ميونسپل عملي شرڪت ڪئي، اجلاس جو مقصد شهر ۽ تعلقن ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، گٽر نالن جي بحالي، ميونسپل خدمتن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ، مڇر مار اسپري مهم کي مضبوط ڪرڻ ۽ غيرقانوني تجاوزات خلاف جاري ڪاروائين جو جائزو وٺڻ هو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته شهر جي صفائي سٿرائي انتظاميا جي پهرين ترجيح آهي، تنهن ڪري سڀني يونين ڪائونسل جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو پنهنجي پنھنجي علائقن ۾ صفائي جي شيڊول تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائين، ڪچرو ۽ ڪوڙو فوري طور تي کڻايو وڃي ۽ شهرين کي صاف، محفوظ ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪيو وڃي، هن ميونسپل آفيسرن کي سختيءَ سان هدايت ڪندي چيو ته گٽر ۽ ڊرينيج لائينن جي صفائي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، ھن چيو ته سڀني اهم هنڌن تي نالن جي صفائي، ڊڪڻ ۽ نيڪالِ آب جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن برساتي موسم دوران شهرين کي ڪا به تڪليف نه ٿئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پاران مڇر مار اسپري مهم جو تفصيلي جائزو وٺندي هدايت ڪئي ته ڊينگي ۽ مَليريا کان بچاءَ لاءِ اسپري مهم ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، هن سڀني يونين ڪائونسلن کي هدايت ڪئي ته اسپري جون روزاني رپورٽون جمع ڪرايون وڃن ۽ انهن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، جتان بيمارين جون شڪايتون موصول ٿي رهيون آهن، اجلاس ۾ غيرقانوني اينڪروچمينٽ خلاف جاري مهم جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او سيد ساجد علي شاهه ۽ اينڪروچمينٽ ٽيم کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته روڊن، فوٽ پاٿن ۽ سرڪاري زمينن تي قائم تجاوزات خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جاري رکي وڃي، هن واضح چيو ته عوامي رستن جي بندش ۽ قبضا مافيا ڪنهن صورت برداشت نه ڪئي ويندي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ سڀني آفيسرن تي زور ڏنو ته هو عوامي سهولتن جي فراهمي ۾ پنهنجي ذميوارين کي ايمانداري سان پورو ڪن، هن چيو ته انتظاميا جو مقصد بهتر شهري خدمتون مهيا ڪرڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن قسم جي غفلت قطعي قبول نه ڪئي ويندي، آخر ۾ هن هدايت ڪئي ته سڀئي آفيسر پنهنجي روزاني ڪارڪردگي رپورٽ ترتيب ڏئي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڏانهن موڪلين ته جيئن مانيٽرنگ جي عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي۔