شڪارپور ۾ واپاري ڀائرن کان لکين رپيا ڦرلٽ، واردات بعد واپارين جو پوليس خلاف ڌرڻو

ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4ھٿياربند سکر جي واپاري ڀائرن منير ۽ نادر ڀيو کان 25 لک 80 ھزار رپيا ڦر ڪري فرار

شڪارپور ۾ واپاري ڀائرن کان لکين رپيا ڦرلٽ، واردات بعد واپارين جو پوليس خلاف ڌرڻو

شڪارپور( احسان ابڙو) شڪارپور شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي ڀرسان واپاري کان لکين روپيہ ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڦر واقعي خلاف واپارين جو ڌرڻو پوليس خلاف احتجاج انصاف جي گھر,خبر موجب:شڪارپور شھر جي اسٽور گنج ٿاڻي جي سامھون ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ھٿياربندن ٻن سکر جي واپاري ڀائرن منير ڀيو ۽ نادر ڀيو کان 25 لک 80 ھزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا,ڦر واقعي کان پوء اناج منڊي جا واپاري اناج منڊي جي صدر سميع اللہ جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي پھتا جتي ھنن ڦر واقعي کان نامعلوم ھٿياربندن خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي,ھوڏانھن اناج منڊي جي واپارين شڪارپور جيڪب آباد باء پاس تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ويھي رھيا انصاف جي گھر رابطو ڪرڻ تي متاثر واپاري ڀائرن نادر ڀيو ۽ منير ڀيو ٻڌايو تہ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 4 ھٿياربندن اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي سامھون غيرمال بڻائي 25 لک روپيہ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا,اناج جا واپاري آھيون ٻن بئنڪ کان رقم وصول ڪري دڪان تي وڃي رھيا ھئا سين ته ٻن موٽرسائيڪل تي سوار چئن ھٿياربندن ڦر ڪئي آھي,ھنن چيو تہ پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي,ڏينھن ڏٺي جو وچ شھر مان ٿاڻي جي سامھون ڦورو سري عام ڦر ڪري وڃن ٿا,ايس ايس ہي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کان مطالبو ڪيون ٿا تہ ڦر ٿيل روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.