ميهڙ ۾ ٻن اسڪولن جي زبون حال عمارتن جا چاپڙ ڪِرڻ سبب ٻارڙن ۾ ڀاڄ

بوائز پرائمري اسڪول نظيرآباد ۽ لوئر سيڪنڊري اسڪول گلشن مدينا جي عمارتن جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪِري پيا

ميهڙ ۾ ٻن اسڪولن جي زبون حال عمارتن جا چاپڙ ڪِرڻ سبب ٻارڙن ۾ ڀاڄ

ميھڙ(رپورٽر) ميھڙ جي ٻن اسڪولن جي ڇتن جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا ٻار ۽ استادن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ، ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙا معجزاڻي طور محفوظ رھيا گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول نظيرآباد جي بلڊنگ زبون حال ھجڻ ڪري پڙھائي دوران ڌماڪي سان اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنھن سبب ٻارڙن ۽ استاد ۾ ڀاڄ پئجي وئي اسڪول جي ھيڊماستر فھد علي ٻڌايو ته اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿي وئي آھي اھڙو اطلاع تعليم کاتي جي آفيسرن کي پڻ ڏنو ويو آھي ھن چيو ته اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب کلي آسمان ٻارڙن کي تعليم ڏئي رھيا آھيون ھن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي بلڊنگ جي نئين سر تعمير ڪرائي سوين ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي ٻئي طرف گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري لوئر سيڪنڊري اسڪول گلشنِ مدينا ڪالوني ميهڙ جي ڇت جا چاپڙ به ڌماڪي سان ڪري پيا ٻارڙا ۽ استاد محفوظ رھيا اسڪول جي استاد خليق الرحمن سومرو ٻڌايو ته ٻارڙن کي تعليم ڏئي رھيا ھئاسين ته اوچتو ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنھن سبب ٻارڙن ۾ خوف ڇائنجي ويو ھن چيو ته اسڪول جي ڇت زبون ٿي وئي آھي تعليم کاتو نوٽيس وٺي اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت ڪرائي بيچيني دور ڪئي وڃي