سماجي تنظيم باب العلم هيلپنگ هينڊس جي تعاون سان تقريب منعقد ڪئي وئي
نوشهروفيروز (ڊر) سماجي تنظيم باب العلم هيلپنگ هينڊس جي تعاون سان هڪ سئو غريب ۽ مسڪين جوڙن جي اجتماعي شادين جو پروگرام علي پيليس شادي هال ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻن محمد عباس ۔ سيد ثمر عباس نقوي اعجاز ممنائي۔ مولانا خادم حسين الحسيني محمد قاسم جوڻيجو سوشل ويلفيئر آفيسر شهباز علي سجاد ميمڻ ۽ ٻين چيو ته هن تنظيم طرفان هر سال هي اجتماعي شادين جو پروگرام منعقد ڪرائيندا آهيون جنهن ۾ نهايت مستحق۽ يتيم نياڻين جون شاديون ڪرائي خوشيون محسوس ڪري رهيا آهيون آهن ، جنهن ۾ هر جوڙي کي ننڍو تحفو پيش ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي نياڻيون پنهنجو گهر آباد ڪري سگهن۔ اڳواڻن چيو ته هي انسانيت جو شيوو ۽ مذهبي هم آهنگي پيار رواداريءَ جو اعليٰ مثال آهي۔ اڳواڻن چيو ته هن شادين جي پيغام کي وڌ ۾ وڌ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ اسانجو ساٿ ڏيندا ته جيئن ملڪ مان غربت جو خاتمو اچي ويندو۔
0 تبصرے