شڪارپور ۾ رائو بھادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا جي ورسي ملهائي وئي

شڪارپور ۾ رائو بھادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا جي ورسي ملهائي وئي

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور جي مھان ڪردار رائو بھادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا جي ورسي جي سلسلي ۾ سوشل اينڊ لٽرري فورم ۽ پريس ڪلب شڪارپور طرفان ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شھر جي سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪري عظيم ھستي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي اديب ممتاز منگي,شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ,ليکڪ نسيم بخاري,سلطان احمد رند,مکي گوپال داس,ڊاڪٽر راجا سيلرو,حسام ميمڻ,ھمير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته شڪارپور سڄي سنڌ ۾ ھڪ منفرد آهي جنهن ۾ ھتان جي عظيم ڪردارن جي ڪمينٽمينٽ شامل آهي,ھنن چيو ته رائو بھادر ھند ۽ سنڌ مان چندو گڏ ڪري اسپتال جوڙائي سندس اڄ به سھن تي جو زمين تي نالو لکيل آهي جنهن پنهنجي خواهش تي اھو نالو لکرايو ھو ته اسپتال ايندڙ مريض سندس نالي کي لتاڙين ته مون کي ذھني سڪون ملندو,ھنن چيو ته رائو بھادر ھڪ عظيم ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ ھو جنهن جو ھتان جي ماڻهن سان محبت جو جذبو ايمان جي حد تائين ھو جنهن سڀ کان وڌيڪ پاڻ کي عوام لاء ارپيو ۽ چندو گڏ ڪندي ڪندي فوت ٿي ويو,ھنن چيو ته رائو بھادر اھڙو ڪردار آھي جو سندس نالو کڄندي ئي ڪنڌ مٿي ٿي وڄي ٿو جڏھن ته اسان پنھنجي ڪردار تي نظر وجھون ٿا ته ڪنڌ شرم کان جھڪي وڃي ٿو ڇو ته اسان پنھنجي سماجي ڪمينٽمينٽ نه ٿا ننڀايون,ھنن چيو ته سياسي بنگلا ۽ بدترين بيورو ڪريسي نٿا چاھين ته معاشري ۾ سٺي ڪردار وارو ماڻھو اڳتي اچي يا انھن کي ياد ڪجي ڇو ته ان سان اھي ڌٻجي ويندا تنهن ڪري سول سوسائٽي کي پازيٽو ٿيڻ جي ضرورت آھي باقي ھن وقت سوسائٽي زوال جو شڪار بڻيل آھي ۽ سياسي ڪردار ختم ٿي ويا آھن ۽ اھي مافيا جو ڪردار بڻجي چڪا آھن,ھنن وڌيڪ چيو آهي ته عظيم انسان رائو بھادر جي جدوجهد ۽ چندي سان تيار ٿيل شڪارپور اسپتال جي حالت انتھائي خراب ٿي چڪي آھي جيڪا اسپتال نه پر ٽارچر سيل بڻيل آھي جنهن جي بھتري ۽ رائو بھادر جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاء اسان سڀني کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي،تقريب بعد سڄاڻ ڌرين پاران رائو بھادر اوڌو داس جي يادگار وٽ پھچي ڏيئا ٻاري ۽ گل نڇاور ڪري کيس زبردست نموني سان ڀيٽا پيش ڪئي,تقريب ۾ زاھد ڀنڀرو,وحيد بروھي,جاويد راھوجو,سعيد سومرو,ديدار بلوچ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.