ڏوڪري۾ ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف جو اجلاس

اجلاس جي صدارت مرڪزي صدر ناجيه شاگرد تنظيم "نشات" حبيب الله جوڻيجو ڪئي

ڏوڪري۾ ناجيہ شاگرد تنظيم

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ۾ ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف، ضلع لاڙڪاڻي جو اجلاس،اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، پراڻي باڊي ٽوڙي سال 2026ع لاءِ نوان عهديدار چونڊيا ويا،حلف برداري تقريب به منعقد ڪئي وئي، اجلاس جي صدارت مرڪزي صدر ناجيه شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف حبيب الله جوڻيجو ڪئي، اجلاس ۾ نئين باڊي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ صدر وسيم علي جوڻيجو، نائب صدر مزمل احمد جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري باسط علي جوڻيجو، جوائنٽ سيڪريٽري غلام مرتضي جوڻيجو، فنانس سيڪريٽري فرحان علي جوڻيجو ۽ پريس سيڪريٽري ياسر وحيد جوڻيجو کي چونڊيو ويو، اجلاس جي ڪاروائي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فيض الله قاضي ھلائي، تنظيمي دوري دوران جماعت جي مرڪزي نائب صدر علي رضا ڏاهري، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري عبدالرحمان جوڻيجو ۽ مرڪزي پريس سيڪريٽري محمد علي ٽالپر پڻ موجود هئا، جڏهن ته ضلع لاڙڪاڻو جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي مرڪزي صدر حبيب الله جوڻيجو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف ضلع لاڙڪاڻو جي ساٿين هميشه وانگر پاڻ ملهايو آهي ۽ اسان ھن عھديدارن کي اھا ئي گذارش ڪنداسين ته ھن سال پنهنجي ضلعي کي چيمپيئن ڪري ڏيکاريندا ۽ پنهنجي سڀني يونٽن سان رابطو ڪري دوستن کي به سرگرم ڪندا، ان سان گڏوگڏ تعليم ۽ طريقت جي ميدانن ۾ ڀرپور ڪوشش ڪري بھترين پروگرام ڪرائيندا، منهنجي مالڪ سائين کان اھا ئي دعا آھي ته هي تنظيم اڃان به وڌيڪ ترقي ۽ ڪاميابيون ماڻي،اجلاس جو اختتام درگاھ عاليه لواري شريف جي دستوري دعا سان ڪيو ويو.