ملير ۾ شاعره امرتا ڏاهري جي جنم ڏهاڙي تي تقريب منعقد

عوامي پريس ڪلب ۾ ٿيل تقريب ۾ شاعرن، اديبن ۽ صحافين جي شرڪت

ملير ۾ شاعره امرتا ڏاهري جي جنم ڏهاڙي تي تقريب منعقد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان باصلاحيت شاعره امرتا ڏاهري جي جنم ڏهاڙي جي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاعرن، اديبن، صحافين ۽ ادب سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي صدارت خطاب ڪندي نامياري شاعر ۽ ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير چيو ته امرتا ڏاهري ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ادب ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪري ورتي آهي، سندس شاعري ۾ فڪري پختگي، احساسن جي گهرائي ۽ نون خيالن جي خوشبو محسوس ٿئي ٿي، هن چيو ته امرتا نظم جي هڪ سگهاري شاعره آهي، پر هن غزل سان به ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي، جيڪو سندس فني وسعت جو ثبوت آهي، قومي عوامي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي چيو ته امرتا ڏاهري جديد دور جي انهن شاعرائن مان آهي، جن پنهنجي محنت، لگن ۽ مطالعي سان ادب ۾ جاءِ والاري آهي، سندس شاعري عورت جي احساسن، سماجي حقيقتن ۽ اميدن جي خوبصورت عڪاسي ڪري ٿي، جمشيد زهراڻي امرتا ڏاهري جي شاعري ۽ شخصيت تي مقالو پڙهيو جنهن ۾ هن چيو ته امرتا ڏاهري جي شاعري ۾ رنج، وڇوڙو، مزاحمت ۽ اتساهه گڏ نظر اچي ٿو، جيڪو پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، سندس پهريون شعري سپنو اوسيئڙي جا گل 2022 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو جنهن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي، هن چيو ته امرتا سنڌي ادب جو سرمايو آهي، تقريب ۾ سنڌي پورهيت سنگت اڳواڻ محمد يوسف سومرو، سڪندر سرواڻ، قمبر ٻٽ، اصغر مهرائي مظهر ورياڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، تقريب دوران امرتا ڏاهري پنهنجي چونڊ شاعري ٻڌائي، جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو ۽ ڀرپور داد ڏنو، لوڪ راڳي عبدالخالق ڀٽي امرتا ڏاهري جي شاعري جهونگاري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، آخر ۾ گيتن ۽ تاڙين جي گونج ۾ جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ امرتا ڏاهري کي گلن جا هار، سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا، تقريب دعا سان پڄاڻي تي پهتي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن امرتا ڏاهري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو