English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ شاعره امرتا ڏاهري جي جنم ڏهاڙي تي تقريب منعقد
66 views
|
18th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ۾ ٿيل تقريب ۾ شاعرن، اديبن ۽ صحافين جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان باصلاحيت شاعره امرتا ڏاهري جي جنم ڏهاڙي جي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاعرن، اديبن، صحافين ۽ ادب سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي صدارت خطاب ڪندي نامياري شاعر ۽ ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير چيو ته امرتا ڏاهري ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ادب ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪري ورتي آهي، سندس شاعري ۾ فڪري پختگي، احساسن جي گهرائي ۽ نون خيالن جي خوشبو محسوس ٿئي ٿي، هن چيو ته امرتا نظم جي هڪ سگهاري شاعره آهي، پر هن غزل سان به ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي، جيڪو سندس فني وسعت جو ثبوت آهي، قومي عوامي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي چيو ته امرتا ڏاهري جديد دور جي انهن شاعرائن مان آهي، جن پنهنجي محنت، لگن ۽ مطالعي سان ادب ۾ جاءِ والاري آهي، سندس شاعري عورت جي احساسن، سماجي حقيقتن ۽ اميدن جي خوبصورت عڪاسي ڪري ٿي، جمشيد زهراڻي امرتا ڏاهري جي شاعري ۽ شخصيت تي مقالو پڙهيو جنهن ۾ هن چيو ته امرتا ڏاهري جي شاعري ۾ رنج، وڇوڙو، مزاحمت ۽ اتساهه گڏ نظر اچي ٿو، جيڪو پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، سندس پهريون شعري سپنو اوسيئڙي جا گل 2022 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو جنهن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي، هن چيو ته امرتا سنڌي ادب جو سرمايو آهي، تقريب ۾ سنڌي پورهيت سنگت اڳواڻ محمد يوسف سومرو، سڪندر سرواڻ، قمبر ٻٽ، اصغر مهرائي مظهر ورياڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، تقريب دوران امرتا ڏاهري پنهنجي چونڊ شاعري ٻڌائي، جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو ۽ ڀرپور داد ڏنو، لوڪ راڳي عبدالخالق ڀٽي امرتا ڏاهري جي شاعري جهونگاري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، آخر ۾ گيتن ۽ تاڙين جي گونج ۾ جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ امرتا ڏاهري کي گلن جا هار، سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا، تقريب دعا سان پڄاڻي تي پهتي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن امرتا ڏاهري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Mar 2026
•
سندھ
جماعتِ اسلامی سندھ کی جانب سے کراچی پریس کلب میں صحافیوں کے اعزاز میں افطار ڈنر
03rd Mar 2026
•
تازہ ترین
اسرائیلی فوج نے تہران میں صدارتی دفتر اور قومی سلامتی کونسل پر 100 جہازوں سے حملہ، شہداء کی تعداد 787 ہو گئی
03rd Mar 2026
•
کھیل
ایرانی حملوں کے بعد اسٹار فٹبالر رونالڈو سعودی عرب چھوڑ کر روانہ
03rd Mar 2026
•
تازہ ترین
میرینز نے کراچی قونصل خانے پر مظاہرین پر فائرنگ کی، امریکی حکام کی تصدیق
03rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايران تي حملن ۽ آيت الله خامنا اي جي شهادت خلاف مظاهرا
03rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: جتوئي ڀائر عدالت ۾ پيش، ڪيسن جي ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون
03rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ڀرسان حادثي م نوجوان فوت، گهر ۾ ڪهرام متل
03rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سکر ۾ ڪوٽڏيجي واسي نوجوان جي قتل خلاف سندس چاچي جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ شاعره امرتا ڏاهري جي
0 تبصرے