English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: 97ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش، آبادگارن جو احتجاج
230 views
|
16th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
بااثر اڪبر جوکيو زمين تي مالڪي جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي: جاويد ابڙو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ۾ 33 سالن کان 94 ايڪڙ زرعي زمين آباد ڪندڙ آبادگار جاويد ابڙو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي ڀائرن سان گڏ 1993ع ۾ سنڌ حڪومت کان ديهه ڌاٻيجي، تپو جوريجي جي ناڪلاس نمبر 150 تحت حاصل ڪيل 94 ايڪڙ زرعي زمين تي پوک ڪري پنهنجي ٻچن جو روزگار هلائيندو اچي پر هاڻي علائقي جو بااثر شخص اڪبر جوکيو سندس زمين تي مالڪي جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي.جاويد ابڙو چيو ته اڪبر جوکيو سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته شڪايتن بعد نواب علي خان زهري معاملي جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ اڪبر جوکيو کي مياري قرار ڏنو ويو، پر ان فيصلي کانپوءِ اڪبر جوکيو مري قبيلي جي هٿياربندن کي سندس پويان لڳائي ڇڏيو آهي.هن الزام هنيو ته هٿياربند زمين تي هلان ڪن ٿا، ڀتو گهُرن ٿا ۽ کيس ۽ سندس ڀائرن کي ڌمڪيون ڏين ٿا. جاويد ابڙو موجب هن انهن خلاف پنجاهه کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرايا آهن، پر اڃا تائين ڪا به مثبت ۽ اثرائتي ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته بااثر ڌر وري عدالت ۾ اهڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ جن ناڪلاس زمينن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اها زمين سندس اصل زمين کان ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي، جنهن جو سندس زمين سان ڪو به واسطو ناهي.پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ جاويد ابڙو آءِ جي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ملير، ايس ايس پي ملير سميت سمورن لاڳاپيل انتظامي آفيسرن کان اپيل ڪئي ته هو معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي، قانون موجب ڪارروائي ڪن ۽ کيس قانوني ۽ اخلاقي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بااثر اڪبر جوکيو زمين تي مالڪي
شڪايتن بعد نواب علي خان زهري
0 تبصرے