ملير: 97ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش، آبادگارن جو احتجاج

بااثر اڪبر جوکيو زمين تي مالڪي جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي: جاويد ابڙو

ملير: 97ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش، آبادگارن جو احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ۾ 33 سالن کان 94 ايڪڙ زرعي زمين آباد ڪندڙ آبادگار جاويد ابڙو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي ڀائرن سان گڏ 1993ع ۾ سنڌ حڪومت کان ديهه ڌاٻيجي، تپو جوريجي جي ناڪلاس نمبر 150 تحت حاصل ڪيل 94 ايڪڙ زرعي زمين تي پوک ڪري پنهنجي ٻچن جو روزگار هلائيندو اچي پر هاڻي علائقي جو بااثر شخص اڪبر جوکيو سندس زمين تي مالڪي جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي.جاويد ابڙو چيو ته اڪبر جوکيو سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته شڪايتن بعد نواب علي خان زهري معاملي جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ اڪبر جوکيو کي مياري قرار ڏنو ويو، پر ان فيصلي کانپوءِ اڪبر جوکيو مري قبيلي جي هٿياربندن کي سندس پويان لڳائي ڇڏيو آهي.هن الزام هنيو ته هٿياربند زمين تي هلان ڪن ٿا، ڀتو گهُرن ٿا ۽ کيس ۽ سندس ڀائرن کي ڌمڪيون ڏين ٿا. جاويد ابڙو موجب هن انهن خلاف پنجاهه کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرايا آهن، پر اڃا تائين ڪا به مثبت ۽ اثرائتي ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته بااثر ڌر وري عدالت ۾ اهڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ جن ناڪلاس زمينن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اها زمين سندس اصل زمين کان ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي، جنهن جو سندس زمين سان ڪو به واسطو ناهي.پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ جاويد ابڙو آءِ جي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ملير، ايس ايس پي ملير سميت سمورن لاڳاپيل انتظامي آفيسرن کان اپيل ڪئي ته هو معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي، قانون موجب ڪارروائي ڪن ۽ کيس قانوني ۽ اخلاقي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.