شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊيل صدر عبدالسلام انڙ ۽ ٻين عهديدارن حلف کڻي ورتو

ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو، تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ

شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊيل صدر عبدالسلام انڙ ۽ ٻين عهديدارن حلف کڻي ورتو

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پريس ڪلب سال 2026ع جي چونڊيل عھديدارن جي حلف وفاداري تقريب ، چونڊيل عهديدارن حلف کڻي ورتو. تفصيل موجب شڪارپور پريس ڪلب جي سال 2026ع لاءِ چونڊيل عهديدارن جي حلف وفاداري تقريب شاندار نموني سان شڪارپور پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صحافين، شهر جي معزز شخصيتن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو شڪارپور پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊيل عهديدارن صدر عبدالسلام انڙ، نائب صدر جاويد راهوجو، جنرل سيڪريٽري وحيد بروهي، جوائنٽ سيڪريٽري محمد ابراهيم بروهي، خزانچي وسيم اختر سنجراڻي، جڏهن ته ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي ميمبرن آغا اسرار پٺاڻ، ديدار علي سومرو، جبران مرتضيٰ ابڙو ۽ عارف قريشي پنهنجي عهدن جو حلف کڻايو, ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو، ڊائريڪٽر انفارميشن لاڙڪاڻو ڊويزن ارشاد علي چانڊيو نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته صحافت سماج جو اهم ستون آهي, جيڪو حق ۽ سچ جي آواز کي عام ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته شڪارپور پريس ڪلب جا عهديدار صحافتي قدرن، قانون جي پاسداري ۽ عوامي مسئلن جي نشاندهي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا, تقريب کي ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ پريس ڪلب جي چونڊيل عھديدارن کي ڊسٽرڪٽ شڪارپور پوليس جي طرفان مبارڪباد پيش ڪئي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحافين جو معاشري ۾ اھم ڪردار آھي اھڙا مسئلا آھن جن تي نظرثاني جي ضرورت آھي انھن تي ھميشه شڪارپور پريس ڪلب تمام بھترين ڪرادر ادا ڪيو آھي ان تقريب ۾ ڳالهائيندي شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ چيو ته صحافين جي ڀلائي، اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ شڪارپور پريس ڪلب کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وينديون, آخر ۾ مهمانن ۽ صحافين نون چونڊيل عهديدارن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته شڪارپور پريس ڪلب صحافتي معيار کي وڌيڪ بلند ڪرڻ ۽ شهر جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.