ڪنري ڀرسان شهادت حضرت امام موسيٰ ڪاظم عه جي حوالي سان مجلس عزا برپا

ڍڍرو ۾ عزاخانه امام زمانه عليه السلام، درگاهه سيد سجاد حسين ڪاظمي تي مجلس عزا برپا ڪئي وئي

ڪنري ڀرسان شهادت حضرت امام موسيٰ ڪاظم عه جي حوالي سان مجلس عزا برپا

عمرڪوٽ(ڊ ر)ڪنري ڀرسان ڍڍرو ۾ عزاخانو امام زمانه عليه السلام، درگاهه سيد سجاد حسين ڪاظمي تي عمران ڪاظمي برادران جي طرفان سالياني قديمي مجلسِ عزا، سلسلو شبِ شهادت حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام، 25 رجب جي رات منعقد ٿي.مجلس ۾ وڏي انگ ۾ مؤمنين ۽ عزادارن شرڪت ڪري پرسہ ڏنو. ذاكرين ۽ علمائنِ ڪرام حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جي تعليمات ۽ سيرت بيان ڪئي، فضائل ۽ مصائب ذڪر ڪيا. مولا عليه السلام جي شهادت جو تابوت حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جو برآمد ڪيو ويو.مؤمنين مولا امام زمانه عليه السلام کي امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جو پرسہ پيش ڪيو. مجلسِ عزا کي علامه ذاڪر حسين ذاڪر خطاب ڪندي مظلوم، 25 سال قيد ڪاٽيندڙ مظلوم آلِ رسول ﷺ امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام تي ٿيندڙ ظلمن ۽ مصيبتن کي تفصيل سان بيان ڪيو.آخر ۾ شرڪت ڪندڙ مؤمنين ۾ مولا جو نياز تقسيم ڪيو ويو.