سول اسپتال ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائنده ڊاڪٽر لائقه، سول سرجن ڊاڪٽر محمد انور ۽ ٻيا شريڪ
سجاول (رپورٽر)پوليو مهم جي حوالي سان سول اسپتال سجاول ۾ ڊاڪٽر دين محمد ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊبليو ايچ او جي نمائنده ڊاڪٽر لائقہ، سول سرجن ڊاڪٽر محمد انور ميمڻ، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي عبد الحميد کٽي، مولوي حضرات، پوليس، ايجوڪيشن، روينيو سميت مختلف کاتن جي نمائندن ۽ پوليو ورڪرز شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊاڪٽر دين محمد ميمڻ، ڊاڪٽر لائقہ ۽ ڊاڪٽر محمد انور ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته پوليو مهم 02 فيبروري کان شروع ٿيندي، جيڪا پوري هفتي جاري رهندي. هنن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي هن قومي ڪاز کي ڪامياب بڻائڻو آهي ته جيئن پنجن سالن کان گهٽ عمر جو ڪو به ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم نه رهي ۽ هن موذي مرض جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.
0 تبصرے