ڏوڪري ۾ ايس يو پي پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائي وئي

ايس يو پي اڳواڻ مشتاق احمد سنديلو، ايڊووڪيٽ امدادجويو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو

ڏوڪري ۾ ايس يو پي پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائي وئي

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌ جي عظيم مفڪر، سياستدان، آزاديءَ جي علمبردار سائين جي ايم سيد جي 122 سالگرھ ملهائي وئي.ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ملهايل سالگرھ ۾ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مشتاق احمد سنديلو، ايڊووڪيٽ امدادجويو، ياسر سنديلو، عبدالحفيظ سنديلو، نديم باغي،رڪ سنڌي سميت ٻين شرڪت ڪئي.انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي شعور کي نئون رخ ڏنو، هن پنهنجي فڪر، قلم ۽ جدوجهد ذريعي سنڌي قوم کي سجاڳ ڪيو. هو سنڌ جي حقن، سڃاڻپ ۽ خودمختياري لاءِ عمر ڀر جدوجهد ڪندو رهيو. سندس فڪر اڄ به سنڌ جي نوجوانن لاءِ مشعلِ راهه آهي.ھنن چيو ته سائين جي ايم سيد جو فڪر هميشه زنده رهندو.سائين جي ايم سيد نه صرف هڪ سياستدان هو، پر هو سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو محافظ پڻ هو، جنهن قوم کي عزت سان جيئڻ جو درس ڏنو.