ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي وڏو حملو آھي، جنهن کي ڪروڙين ماڻھن رد ڪيو آهي: پليجو

سنڌ دشمن. ڊجيٽل آدمشماري ملڪ ۽ سنڌ لاءِ زھر قاتل ثابت ٿيندي. ان کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي

ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي وڏو حملو آھي، جنهن کي ڪروڙين ماڻھن رد ڪيو آهي: پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي وڏو حملو آھي، ڪروڙين ماڻھو احتجاج ڪري ھن کي رد ڪري چڪا آھن. سنڌ دشمن. ڊجيٽل آدمشماري ملڪ ۽ سنڌ لاءِ زھر قاتل ثابت ٿيندي. ان کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. سنڌي قوم جي پرامن احتجاجي مزاحمت کي نظرانداز نہ ڪيو وڃي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مخصوص ٽولي کي سيٽون وڌائي ڏيڻ لاءِ سنڌي ماڻھن کي ڪوڙن انگن اکرن سان اقليت ۾ تبديل واري سازش کي ڪنھن بہ ريت برداشت نٿو ڪري سگھجي. ڪوڙي آدمشماري سنڌ جي حق حاڪميت، خودمختياري، سنڌ جي تھذيب، سنڌ جي وسيلن، روزگار، تعليم، صحت تي حملو آھي. حڪمران ھوش کان ڪم وٺن. ملڪ اڳ ۾ ئي سياسي، معاشي بحران جو شڪار آھي، ان کي پنھنجن اقتداري مفادن لاءِ بحرانن ۾ وجھڻ جو مطلب ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ آھي. ڪوڙي ۽ سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري سان نفرت جي سياست کي ھٿ ملندي. اسان جي ملڪ کي ڀائيچاري ۽ امن جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي سامراجي طاقتون نٿيون چاھين تہ پاڪستان جون خودمختيار پاليسيون ھجن ۽ اھو معاشي طور مستحڪم ھجي ۽ ترقي طرف وڌي سگھي، ان ڪري انھن سازشن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ اتحاد جي ضرورت آھي، خودمختيار معاشي پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آھي، صوبن کي پنھنجن وسيلن تي اختيار ڏئي انھن کي وڌيڪ ترقي يافتا بنائڻ جي ضرورت آھي، صوبن جي ترقي دراصل ملڪ جي ترقي آھي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ سنڌ سميت جن صوبن مان تيل، گئس ۽ ٻي قدرتي دولت نڪري ٿي، اتي وڌيڪ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. حڪمرانن کي اھا پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي.