ڪيٽي بندر ڀرسان سمنڊ ۾ شڪار لاءِ ويندڙ مهاڻن جي ٻيڙي حادثي جو شڪار، 0 ڄڻا ٻڏي ويا، هڪ جو لاش هٿ

ڪيٽي بندر ڀرسان سمنڊ ۾ شڪار لاءِ ويندڙ مهاڻن جي ٻيڙي حادثي جو شڪار، 0 ڄڻا ٻڏي ويا، هڪ جو لاش هٿ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڪيٽي بندر ڀرسان سمنڊ ۾ پکين جي شڪار لاءِ ويندڙ ماڻهن جي ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي ويا حادثي دوران هڪ شخص ٻڏي فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻي جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي. حادثي جو شڪار ٿيندڙن مان 5 ڄڻا ملير جي علائقي پپري جا رهواسي آهن جڏهن ته 4 ڄڻن جو تعلق ڪيٽي بندر سان ٻڌايو وڃي ٿو حادثي کان پوءِ پاڪ بحريه ۽ مقامي مھاڻن بروقت ڪارروائي ڪندي 7 ڄڻن کي بحفاظت سمنڊ مان ٻاهر ڪڍي ورتو حادثي ۾ پپري جو رهواسي ظهير ٻڏي فوت ٿي ويو جڏهن ته واحد بخش گبول جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي واقعي جي اطلاع ملندي ئي لاڳاپيل ادارا ۽ ماهيگير حادثي واري هنڌ پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون فوت ٿيل ظهير جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته وارثن واقعي تي سخت ڏک جو اظهار ڪيو آهي وارثن موجب سمورا ماڻهو پکين جي شڪار لاءِ سمنڊ ۾ ويا هئا، پر بدقسمتي سان ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته انتظاميه طرفان حادثي جي سببن جي جاچ لاءِ تحقيقات جو آغاز ڪيو ويو آهي