عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ، 4ڄڻا زخمي

عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ، 4ڄڻا زخمي

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي واقع عارف مهر جي مارڪيٽ ۾ راجو مالھي جي گاڏين جي دڪان تي اوچتو گئس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ دڪان تي ڪم ڪندڙ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ 12 سالا لال چند ڀيل، 20 سالا نندلال اوڏ، 14 سالا سنيل اوڏ ۽ هيرالال شامل آهن، ڌماڪي ۽ باهه کانپوءِ علائقي ۾ خوف و هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته زخمين کي فوري طور سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو، جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، اطلاع ملڻ شرط فائر برگيڊ جي گاڏي واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو، جنهن سبب وڌيڪَ نقصان کان بچاءُ ٿي ويو، پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، علائقي واسين شهر ۾ حفاظتي انتظامن جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته مارڪيٽن ۽ دڪانن ۾ گئس سلينڊرن جي استعمال بابت سخت چيڪنگ ڪئي وڃي، جيئن اهڙن حادثن کان بچي سگهجي.