ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون، ڪيترائي گرفتار

مختلف ڪارروائين دوران 7 گٽڪي فروشن سميت 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو: پوليس

ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون، ڪيترائي گرفتار

ٺٽو(شفيق ڀٽي) ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروايون, 7 گٽڪو وڪڻندڙ ۽ 7 منشيات فروش سميت 14 جوابدار گرفتار، 1390 پُڙيون گٽڪو ماوا، 24 ڪلو گٽڪو مٽيريل، 149 بيگز ديهي شراب ۽ 1 موٽر سائيڪل برآمد، ڪيس داخل ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن تي ۽ ايس ايس پي ٺٽه فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تحت، ٿاڻا دههبيجي، گھارو، ساڪرو، گھوڙاٻاڙي ۽ مڪلي پوليس مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪندي 7 گٽڪو وڪڻندڙ ۽ 7 منشيات فروش جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل گٽڪو وڪڻندڙ جوابدارن ۾ عبداللطيف ولد الله ڊنو گندرو، عنايت حسين ولد عبد الحميد ميمڻ، معشوق حسين ولد محمد وارث جتوئي، ڪريم بخش عرف ڪرو ولد محمد سومار خاصخيلي، سرور ولد عبدالحسين ميربحر، ديدار ولد غلام حسين مغل، مجاهد ولد عزيز الرحمان قريشي شامل آهن. جڏهن ته منشيات فروش جوابدارن ۾ محمد رحيم ولد خدا بخش خاصخيلي، جميل احمد ولد شريف ميمڻ، فرحان ولد غلام حيدر ملاح، پنھون ولد خيرو شيدي، علي محمد ولد دوست علي نوحاني، عبدالحڪيم ولد سومار چانڊيو، طارق مجيد ولد عبدالمجيد پليجو شامل آهن. گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان 1390 پُڙيون گٽڪو ماوا، 24 ڪلو گٽڪو مٽيريل، 149 بيگز ديهي شراب ۽ 1 موٽر سائيڪل برآمد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي منشيات آرڊيننس ۽ گٽڪو ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.