حيدرآباد: سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپنيءَ ملازمن پنهنجي ملازمن کي شيئرس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سافڪو جي باني سليمان جي ابڙي چيو آهي ته سافڪو عالمي سطح تي پاڻ مڃائي ملڪ لاءِ فخر لائق ادارو بنجي چڪي آهي، اسان بهتر تعليم ۽ صحت سميت سماجي خدمتن سان دنيا ۾ تبديلي آڻي سگھون ٿا. جيمخانه حيدرآباد ۾ سافڪو گروپ جي سالياني گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني، سافڪو سپورٽ فائونڊشن ۽ سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرس ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائيزيشن جي اهم انتظامي عهديدارن، گورننگ بورڊ جي ميمبرن، زونل ۽ ريجنل مئنيجرن ۽ معزز سماجي ۽ ادبي شخصيتن شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو گروپ جي باني ۽ صدر ڊاڪٽر سليمان جي ابڙي چيو ته چاليهه سالن جي جدوجهد ۾ سافڪو ايتري صلاحيت حاصل ڪئي آهي، جو ملڪ جا اڪثر ادارا اسان جي تجربن مان فائدو حاصل ڪن ٿا، ۽ مختلف ملڪن ۽ بين الاقوامي ادارن جا وفد اسان وٽ اچي فيلڊ ۾ وڃي اسان جي ڪمن جو مشاهدو ڪن ٿا، جنهن تي پاڪستان کي فخر ٿيڻ گھرجي. مخلتف ملڪن جي صدرن ۽ وزير اعظمن کي ملندڙ عالمي ايوارڊن جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر سليمان جي ابڙي چيو ته اسان ڪنهن به ڪمتري يا برتريءَ جي احساس ۾ ناهيون، ماڻهن جي خدمت، هيڻن جو هڏڏوکي بنجڻ ۽ انهن جي اهنجن کي گھٽائڻ ۾ جيڪا خوشي ملي ٿي، اها ڪنهن به حڪومتي اعزاز يا صدارتي ايوارڊ کان وڌيڪ آهي. هن ٻڌايو ته پوري ملڪ مان سافڪو کي اسلامي خدمتن تي ملائيشيا ۾ عالمي ايوارڊ مليو، جيڪا اسان ملائيشيا جي وزير اعظم ۽ مالديپ جي صدر کان وصول ڪيو، ان کانسواءِ عالمي سطح جو ’اسلامڪ ريٽيل بئنڪنگ ايورڊ‘ مليو جڏهن ته ڪراچي ۾ پي ايم اين قومي ڪانفرنس دوران سموري ملڪ جي ادارن مان سافڪو کي جديد انداز ۾ ڪم ڪرڻ تي ۽ قيادتي معيار تي ٻه ايوارڊ ڏنا ويا. اهي سڀ سافڪو سٿ جي اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهن. هن چيو ته سافڪو گروپ جي اعليٰ قيادت کان وٺي فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ عام ملازم تائين سڀئي ان جذبي جي لڙهيءَ ۾ پويل آهن ته اسين پنهنجي زندگين ۾ اهڙا ڪم ڪري وڃون جو زمانن تائين ماڻهو انهن جا مثال ڏيندا رهن. اهو ئي جذبو اسان جي ڪاميابين جو جوهر آهي، ان ئي جذبي تحت اسان پنهنجن ملازمن کي سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپنيءَ ۾ شيئرس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پگهارن ۽ ٻين مراعتن سان گڏ کين شيئر هولڊر بنائي سافڪو جي نفعي ۾ به انهن کي باقاعده شريڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسان جو اهو فيصلو، اسان جي اها جرئت ملڪ جي ٻين ادارن لاءِ به مثال بڻجندي ۽ اهڙي طرح محنت ڪندڙن کي مانُ ملڻ جي روايت سگھاري ٿيڻ جو ڪريڊٽ به سافڪو کي ملندو. سافڪو سربراهه چيو ته ملازمن کي ڪمپني جو مالڪ بنائڻ سان انهن ۾ مالڪيءَ جو احساس پيدا ٿيندو، جڏهن ان کي پنهنجي ڪمپني سمجھي، ان ۾ پنهنجو شيئر سمجھي ڪم ڪنداسين تڏهن اسان پنهنجي خوابن کي ساڀيان بنائي سگھنداسين. ڊاڪٽر ابڙي چيو ته علم تڏهن ڪارگر ٿيندو جڏهن بصيرت هوندي، ان ڪري اسان کي پنهنجي صلاحيت، علم ۽ مهارت کي بصيرت سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. سافڪو جو مقصد سکڻي ترقي نه پر معياري ترقي آهي، اهڙي ترقي جنهن سان ماڻهن جي زندگيءَ ۾ تبديلي ۽ خوشحالي اچي. اها تڏهن ايندي جڏهن روزگار جا وسيلا وڌندا. اهو ئي سبب آهي جو عالمي ادارن جي سهڪار سان زرعي سافڪو ڪاروبارن جي ترقيءَ لاءِ ماڻهن کي ڪروڙين روپيا امداد ڏئي چڪي آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه ٻڌايو ته 2025ع ۾ سافڪو پنهنجي ڪم، ان جي اثر ۽ پنهنجي جٽاداريءَ کي مڃرايو آهي. انهي سال ۾ سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپنيءَ ملڪي سطح تي پاڻ مڃايو ۽ بين الاقوامي سطح تي عالمي ايوارڊ مليا، جيڪا سموري سٿ جي ڪوششن ۽ اسان سان گڏجي ڪم ڪندڙن جي اعتماد ۽ سهڪار جو نتيجو آهي. ان موقعي تي سي اي او سافڪو سپورٽ فائونڊيشن بشير احمد ابڙو ٻڌايو ته سافڪو 2 لک 57 هزر گھر ٺاهي ڏيڻ واري منصوبي ۾ هن وقت تائين هڪ لک گھر مڪمل ڪري ماڻهن حوالي ڪري چڪا آهيون. سافڪو بورڊ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جي سببن بابت پاڻ کان سوال ڪري حڪمت عملي جوڙينداسين نئين سال ۾ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻينداسين.تقريب کي ڊاڪٽر غلام علي جاريڪو، ممتاز بانو شيخ، زيب النساءِ ملاح، رميز اقبال ميمڻ، ذوالفقار علي متقي، مفتي ارسلان سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر بخش علي پتافي، ناليواري اديب سيد زوار نقوي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0 تبصرے