رهواسين ڳوٺ کان عوامي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، عورتن ۽ بزرنگ جي به شرڪت
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پير سرھندي ڳوٺ جي زمين ۽ قديم قبرستان تي قبضي جي ڪوششن خلاف سوين ڳوٺاڻن پير سرھندي ڳوٺ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ريلي ۾ مردن، عورتن ۽ بزرگن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته مظاهرين بااثر قبضا مافيا، لينڊ گريبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن خلاف زوردار نعريبازي ڪئي، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن نظير جوکيو، مولوي عيسيٰ جوکيو، نعيم جوکيو ۽ حاجي خان جوکيو چيو ته پير سرھندي ڳوٺ انگريزن جي دور کان به اڳ جو قديم ڳوٺ آهي، جتي صدين کان ڳوٺاڻا پرامن نموني سان آباد آهن هنن چيو ته ڳوٺ جي زمين، رهائشي حدن ۽ قبرستانن جو دستاويز رڪارڊ موجود آهي ان جي باوجود گذريل ڪجهه سالن کان بااثر ڌريون منظم طريقي سان ڳوٺ جي زمين تي چڙهايون ڪري قبضي جون ڪوششون ڪري رهيون آهن هنن الزام هنيو ته بااثر نظر جوکيو “ايجوڪيشن سٽي” منصوبي جو نالو استعمال ڪري ڳوٺ جي زمين جي غيرقانوني ماپ ڪرائي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن ۾ سخت بيچيني ۽ خوف پيدا ٿي ويو آهي. اڳواڻن چيو ته هاڻي ته ڳوٺ جي قديم قبرستان جي زمين به قبضا مافيا جي نشاني تي آهي جيڪا نه رڳو قانوني پر اخلاقي طور به انتهائي افسوسناڪ عمل آهي مظاهري کي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا اباڻا ڪک، ۽ قبرستان نه ڇڏيندا، ڇو ته اهي سندن سڃاڻپ، تاريخ ۽ بزرگن جي نشاني آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن قبضي جون ڪوششون بند نه ڪيون ويون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ قانوني رستو به اختيار ڪيو ويندو مظاهري دوران ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ووٽ وٺڻ کان پوءِ عوامي مسئلن تان لاتعلقي اختيار ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻا پاڻ کي لينڊ گريبرن جي رحم و ڪرم تي محسوس ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت، ضلعي انتظاميه، مال کاتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري نوٽيس وٺي پير سرھندي ڳوٺ جي زمين ۽ قبرستانن جو تحفظ يقيني بڻائين آخر ۾ مظاهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قديم ڳوٺن جي زمينن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي، قبضا مافيا خلاف بنا دير سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو مرحلي وار جاري رھندو
0 تبصرے