ملير: ڌڻي پرتو موسيٰ ڳوٺ واسي ٻن ڄڻن جو ويڳن ڀائرن خلاف احتجاج، ساڻن لاتعلقي جو اظهار

ملير: ڌڻي پرتو موسيٰ ڳوٺ واسي ٻن ڄڻن جو ويڳن ڀائرن خلاف احتجاج، ساڻن لاتعلقي جو اظهار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) موسي ڳوٺ جي رهواسي اقبال جوکيو ۽ حبيب ولد علي دوست جوکيو پنهنجي ويڳن ڀائرن کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي حبيب جوکيو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ذريعي پنهنجن ڀائرن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو جنهن ۾ غلطي سان منهنجي سڳي ڀاءُ اقبال جو نالو به اچي ويو جنهن تي اهو واضع ٿا ڪريون ته اسان ٻه ڀائر پاڻ ۾ گڏ آهيون اسان گڏيل طور پنهنجن ويڳن ڀائرن شعيب جوکيو، زبير جوکيو ۽ سهيل جوکيو سان مڪمل لاتعلقي جو اظهار ڪريون ٿا محمد اقبال جوکيو چيو ته حبيب جوکيو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي آئون ساڻس گڏ رهيو آهيان اسان گڏجي پنهنجن ڀائرن کي مختلف وقتن تي سمجهايو آهي پر هو غلط ماڻهن جي صحبت ۾ اچي نشي جي واپرائڻ سميت غلط رستي تي نڪري پيا آهن هنن چيو ته اسان ۽ ڳوٺ جي معززن ڪيترائي ڀيرا کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هو ڪنهن جي به عزت ڪرڻ يا پنهنجي روين ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ تيار ناهن هنن پريس ڪانفرنس دوران واضح لفظن ۾ چيو ته اڄ کان پوءِ سندن ويڳن ڀائرن سان ڪو به واسطو يا تعلق ناهي ۽ هو پنهنجي هر عمل جا پاڻ ذميوار آھن هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي ملير ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندس هي بيان سرڪاري رڪارڊ تي رکيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به امڪاني مسئلي جي ذميواري مٿس نه وڌي وڃي.