English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جي”لال هائوس“۾ ن ليگ جي اهم گڏجاڻي, علائقي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا
213 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
امان الله ٽالپر، ايم اين اي نيلم ڪماري جي والد موهن لال ۽ ٻين جي شرڪت
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)”لال هائوس عمرڪوٽ“۾ ن ليگ جي گڏجاڻي، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر لاءِ وڏن ترقياتي منصوبن جو اعلان روڊن، پاڻي، صحت، تعليم، روزگار ۽ سولر توانائي سميت بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ جو فيصلو، خبر موجب” لال هائوس عمرڪوٽ“۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، گڏجاڻي ۾ صوبائي اڳواڻ مير امان الله ٽالپر، ايم اين اي نيلم ڪماري جي والد موهن لال موتي، سيد صفدر حسين شاهه، شھزاد منڱريو سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي راجيش، ڀڳت ڪيول ۽فقير شوڪت انڙ پڻ موجود هئا، گڏجاڻي دوران عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ جاري ترقياتي ڪمن، عمرڪوٽ ٿرپارڪر روڊ سميت اهم رستن جي تعمير ۽ مرمت، ڳوٺن تائين پڪا رستا مهيا ڪرڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته صاف پيئڻ جي پاڻي لاءِ نيون واٽر سپلاءِ اسڪيمون، آر او پلانٽ ۽ کوهن جي بحالي ڪئي ويندي، ن ليگ اڳواڻن صحت جي شعبي تي زور ڏيندي چيو ته بنيادي صحت مرڪزن، تعلقي ۽ ضلعي اسپتالن کي جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويندو، جڏهن ته ايمبولينس سروس ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ خاص پروگرام شروع ڪيا ويندا، تعليم جي بهتري لاءِ نوان اسڪول، ڪاليج ۽ فني تربيتي ادارا قائم ڪرڻ، استادن جي مقرري ۽ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ ٿرپارڪر جي حالتن کي نظر ۾ رکندي سولر توانائي جي منصوبن، بجلي جي بهتر فراهمي ۽ ٽرانسفارمر لڳائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي فني تربيت، ننڍن ڪاروبارن لاءِ قرضا ۽ ٿر ڪول سميت ٻين منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان کان علاوه زرعي شعبي ۾ آبپاشي نظام جي بهتري، هارين کي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي مشينري فراهم ڪرڻ، مال پالڻ لاءِ ويٽرنري سينٽر قائم ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ صفائي، نيڪالي، پبلڪ ٽرانسپورٽ، موبائل ۽ انٽرنيٽ سهولتن، سماجي تحفظ، راندين جا گرائونڊ، ڪميونٽي هال ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ بابت به فيصلا ڪيا ويا، ن ليگ اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبي مان فنڊ حاصل ڪري ترقياتي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪيو ويندو، جيئن علائقي کي خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ جي”لال هائوس
0 تبصرے