English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جي”لال هائوس“۾ ن ليگ جي اهم گڏجاڻي, علائقي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا
12 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
امان الله ٽالپر، ايم اين اي نيلم ڪماري جي والد موهن لال ۽ ٻين جي شرڪت
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)”لال هائوس عمرڪوٽ“۾ ن ليگ جي گڏجاڻي، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر لاءِ وڏن ترقياتي منصوبن جو اعلان روڊن، پاڻي، صحت، تعليم، روزگار ۽ سولر توانائي سميت بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ جو فيصلو، خبر موجب” لال هائوس عمرڪوٽ“۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، گڏجاڻي ۾ صوبائي اڳواڻ مير امان الله ٽالپر، ايم اين اي نيلم ڪماري جي والد موهن لال موتي، سيد صفدر حسين شاهه، شھزاد منڱريو سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي راجيش، ڀڳت ڪيول ۽فقير شوڪت انڙ پڻ موجود هئا، گڏجاڻي دوران عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ جاري ترقياتي ڪمن، عمرڪوٽ ٿرپارڪر روڊ سميت اهم رستن جي تعمير ۽ مرمت، ڳوٺن تائين پڪا رستا مهيا ڪرڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته صاف پيئڻ جي پاڻي لاءِ نيون واٽر سپلاءِ اسڪيمون، آر او پلانٽ ۽ کوهن جي بحالي ڪئي ويندي، ن ليگ اڳواڻن صحت جي شعبي تي زور ڏيندي چيو ته بنيادي صحت مرڪزن، تعلقي ۽ ضلعي اسپتالن کي جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويندو، جڏهن ته ايمبولينس سروس ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ خاص پروگرام شروع ڪيا ويندا، تعليم جي بهتري لاءِ نوان اسڪول، ڪاليج ۽ فني تربيتي ادارا قائم ڪرڻ، استادن جي مقرري ۽ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ ٿرپارڪر جي حالتن کي نظر ۾ رکندي سولر توانائي جي منصوبن، بجلي جي بهتر فراهمي ۽ ٽرانسفارمر لڳائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي فني تربيت، ننڍن ڪاروبارن لاءِ قرضا ۽ ٿر ڪول سميت ٻين منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان کان علاوه زرعي شعبي ۾ آبپاشي نظام جي بهتري، هارين کي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي مشينري فراهم ڪرڻ، مال پالڻ لاءِ ويٽرنري سينٽر قائم ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ صفائي، نيڪالي، پبلڪ ٽرانسپورٽ، موبائل ۽ انٽرنيٽ سهولتن، سماجي تحفظ، راندين جا گرائونڊ، ڪميونٽي هال ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ بابت به فيصلا ڪيا ويا، ن ليگ اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبي مان فنڊ حاصل ڪري ترقياتي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪيو ويندو، جيئن علائقي کي خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مسافر ہوں یارو.....!!!!
08th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
طاقت جي آڏو جهڪيل براعظم: يورپ جي خاموش سياست..؟؟؟
08th Jan 2026
•
سندھ
پاکستان کنزرٹیو پارٹی کے چیئرمین دانش چنہ کی ملیر یوسی چوکنڈی آمد، زمیداران و کارکنان سے ملاقات
08th Jan 2026
•
سندھ
کسٹمز فیس لیس افسران کی من مانی نظام کو تباہ کر رہی ہے: فراز الرحمٰن
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مسافر ہوں یارو.....!!!!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت جي کاتي ۾ نوڪريون
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت جي قانون واري کاتي ۾ نوڪريون
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ثقافت، سياحت ۽ آثار قديما واري کاتي ۾ سوين نوڪريون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ جي”لال هائوس
0 تبصرے