English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي ريلي
13 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پابندي کان اڳ جمع ڪرايل درخواستن تي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن: مطالبو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) “مطالبا منظور ڪريو”ڪنري ۾ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاجي ريلي، مظاهرو ڪري نعريبازي. خبر موجب آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي ڪنري جي اڳواڻن شفيق الرحمان سمون، راشد لطيف، آغا ڪپري، فيصل حافظاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب ڪنري آڏو احتجاجي مظاھرو ۽ سخت نعري بازي ڪئي. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته اسان ڏيڍ سال کان مسلسل احتجاج ڪريو پيا ته فوتي ڪوٽا جي روڪيل ڪيس سپريم ڪورٽ جي پابندي 18 آڪٽوبر کان اڳ جمع ٿيل درخواست تي فوتي ڪوٽا جي نوڪري والدين جي مرحوم ڪوٽا تي ڏني وڃي، هنن چيو ته اسان جو مک مطالبو بلاجواز روڪيل ڪيس منظور نٿو ڪيو وڃي ھن وقت سنڌ ۾ 5 ڪوٽا تي عمل ٿئي پيو شھيد ڪوٽا، معذور ڪوٽا، اقيلتي ڪوٽا، وومين ڪوٽا ايم پي جي فوتي ڪوٽا سميت سياسي ڪوٽا بحال آھن جيڪي ميرٽ کان پاڪ آھن صرف فوتي ڪوٽا تي پابندي ھڻي، صرف يتيم ٻارن کان قانوني فوتي ڪوٽا جو حق کسيو ويو آھي، چيف سيڪريٽري سنڌ 11 ڊسمبر 2025 تي صرف ڪورٽ مان ڪيس کٽيندڙ لاء رول 11-A ۾ ترميم ڪئي آھي جيڪو ماٽيلي ماء وارو اسان غريب يتيم معصوم ٻارن سان سلوڪ ڪيو ويو آھي، مظاهرين وڌيڪ چيو تہ سول سرونٽ 1973 جي قانون مطابق فوتي ڪوٽا جو قانون سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ٿيل آھي جنھن تي پابندي لڳائي زيادتي ۽ ناانصافي ڪئي وئي آھي. مظاهرين صدر پاڪستان، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان پروز مطالبو ڪيو ته ذوالفقار ڀٽو پاران ڏنل فوتي ڪوٽا بحال ڪري سمورا پينڊنگ ڪيس حل ڪري انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
طاقت جي آڏو جهڪيل براعظم: يورپ جي خاموش سياست..؟؟؟
08th Jan 2026
•
سندھ
پاکستان کنزرٹیو پارٹی کے چیئرمین دانش چنہ کی ملیر یوسی چوکنڈی آمد، زمیداران و کارکنان سے ملاقات
08th Jan 2026
•
سندھ
کسٹمز فیس لیس افسران کی من مانی نظام کو تباہ کر رہی ہے: فراز الرحمٰن
08th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
خورشید قائمخانی: لفظوں اور عمل کا درویش
08th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
طاقت جي آڏو جهڪيل براعظم: يورپ جي خاموش سياست..؟؟؟
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
بدين ۾ ڪيلاش ڪولھي، دادو ۾ نادر جمالي، ٺٽو ۾ علي بخش ملاح، هي لاش پيپلزپارٽي رڳو ٽن چئن ڏينهن ۾ ڏنا آهن: اياز لطيف پليجي
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي”لال هائوس“۾ ن ليگ جي اهم گڏجاڻي, علائقي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي سينيئر صحافي سيد سجاد علي شاھ جي موٽرسائيڪل چوري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪنري ۾ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪميٽي
0 تبصرے