بحالي سينٽر منشيات جي عادي ماڻهن کي گهٽ خرچ ۽ اثرائتو علاج فراهم ڪري ٿو: عابد خان
ٺٽو (ڊ ر)ٺٽي ۾ منشيات جي وڌندڙ استعمال ۽ ان سبب متاثر ٿيندڙ نوجوانن ۽ مقامي ماڻهن جي بحالي لاءِ ڌابيجي جي علائقي ۾ ”بيڪ ٽو لائف منشيات بحالي سينٽر “ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو منشيات جي عادي ماڻهن کي گهٽ خرچ ۽ اثرائتو علاج فراهم ڪري رهيو آهي.سينٽر جي چيئرمين عابد خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات جي استعمال ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي چڪو آهي، جنهن سبب ڪيترائي خاندان ذهني، سماجي ۽ معاشي مسئلن جو شڪار بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو مهانگين نجي اسپتالن يا ڪراچي جهڙن ڏورانهن شهرن تائين علاج لاءِ وڃڻ جي سگهه نٿا رکن، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڌابيجي ۾ هي فلاحي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.اسپتال ۾ ايم بي بي ايس ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ابراهيم منشيات جي عادي مريضن جو طبي بنيادن تي علاج ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر ابراهيم جو چوڻ هو ته منشيات هڪ بيماري آهي ۽ بروقت، صحيح ۽ لڳاتار علاج سان ان تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته هتي مريضن کي جسماني علاج سان گڏ نفسياتي ڪائونسلنگ به مهيا ڪئي وڃي ٿي.اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر ۽ نامياري صحافي منتظر اللّٰه ٻڌايو ته ”بيڪ ٽو لائف“ سينٽر جو مقصد صرف علاج مهيا ڪرڻ ناهي، پر منشيات جي عادي ماڻهن کي عزت ڀري زندگي ڏانهن واپس آڻڻ آهي. هن چيو ته انتهائي مناسب فيس تي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ مستحق ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن.جنرل سيڪريٽري عامر افضل جو چوڻ هو ته هاڻي تائين ڪيترائي ماڻهو هن سينٽر مان ڪامياب علاج ڪرائي ٻيهر صحتمند ۽ عام زندگي ڏانهن موٽي چڪا آهن، جيڪو هن اداري جي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي.سيڪيورٽي انچارج شاهد افضل ٻڌايو ته اسپتال ۾ مريضن جي حفاظت، نظم و ضبط ۽ بهتر ماحول کي يقيني بڻايو ويو آهي ته جيئن علاج دوران ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ پيش نه اچي.واضح رهي ته بيڪ ٽو لائف منشيات بحالي اسپتال بسم الله هوٽل جي پٺيان، مين نيشنل هاءِ وي، غريب آباد مارڪيٽ، ڌابيجي ضلعي ٺٽي ۾ قائم آهي. مقامي سماجي حلقن هن فلاحي قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هي ادارو منشيات خلاف جدوجهد ۾ اهم ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو ۽ ڪيترين ئي بگڙيل زندگين کي ٻيهر سنوارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
0 تبصرے