English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
136 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر حسين شاهه ۽ ٻيا به شريڪ
ٺٽو (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ 26 فيبروري کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت دربار هال مڪلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر حسين شاهه، صلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊبليو ايڇ، يونيسيف، صحت، تعليم، لوڪل گورنمينٽ، مرف ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سميت مختلف اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو سمورن اسٽيڪ ھولڊرن کي سختي سان ھدايت ڪئي تہ غلطين کي سُڌاريندي ايندڙ پوليو مھم دوران جنگي بنيادن تي قدم کنيا وڃن تہ جيئن ھن موذي مرض کي پاڙ کان پٽي ضلعي کي پوليو کان پاڪ بڻائي سگهجي. ھُن چيو تہ پوليو ٽيمن جي بھتر تربيت ۽ نگراني سميت انڪاري ٻارڙن تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو وڃي ۽ ھڪ جٽادار حڪمت عملي تشڪيل ڏني وڃي ته جيئن ٽيمن جي گهر گهر موجودگي کي يقيني بڻائي ھر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جو ڦڙا پياري سگهجن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو جهڙي موذي بيماري جي خاتمي لاءِ هر شهري ۽ ادارو پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن زور ڏنو ته ايندڙ پوليو مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جو ڪوبه ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي وڃڻ نہ گهرجي. ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل کاتا پاڻ ۾ رابطي کي وڌيڪ موثر بڻائين ته جيئن مهم دوران ڪو به ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم نه رهي. هن والدين، اُستادن ۽ سماجي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته هو پوليو مهم ۾ مڪمل سهڪار ڪن ۽ ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ان کان اڳ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪُمار گذريل پوليو مھم جي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ پوليو مھم جي تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوري ضلعي ۾ پنجن سالن تائين عمر جي ھر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ گشتي، فڪسڊ ۽ ٽرانزٽ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن تہ جيئن سئو سيڪڙو ھدف حاصل ڪري مھم کي ڪامياب بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊاڪٽر صفدر حسين شاهه ۽ ٻيا به شريڪ
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو
0 تبصرے