عمران خان ھڪ ڏينھن ضرور آزاد ٿيندو ۽ موجودھ وفاقي وزير جيلن ۾ ھوندا: سيد زين شاهه

سيد زين شاهه ايس يوپي اڳواڻ فتح علي خاصخيلي سان سندس وڏي ڀاء الھرکيو خاصخيلي جي وفات تي تعزيت ڪئي

عمران خان ھڪ ڏينھن ضرور آزاد ٿيندو ۽ موجودھ وفاقي وزير جيلن ۾ ھوندا: سيد زين شاهه

ھڱورجا(رپورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آھي تہ موجوده سياسي جعلي نظام جي خاتمي لاء سياسي جماعتن سان گڏجي جدوجھد ڪنداسين جئين ماضي ۾ سياسي سماجي آبادگارن سان گڏجي پاڻي لاء جدوجھد ڪئي سنڌ م سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سان گڏجي يا سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي پليٽ فارم تان ڀرپور جدوجھد ڪنداسين .عمران خان جي آزادي ممڪن آھي عمران خان ھڪ ڏينھن ضرور آزاد ٿيندو ۽ موجودھ وفاقي وزير جيلن ۾ ھوندا.سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي پر جيڪڏھن نئين آء جي سنڌ کي اختيار ڏنا ويا ويا تہ امن امان جي صورتحال بھتر ٿي سگھي ٿي.8 فيبروري تي ملڪ ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪئي ويندي ھنڱورجا ۾ ايس يوپي اڳواڻ فتح علي خاصخيلي سان سندس جي وڏي ڀاء گسٽا سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد دايا ھائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو آھي ت سنڌ جي معيشت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي جيڪڏنھن ھن ڀيري ب ڪڻڪ جو اگھ آبادگارن کي ن مليو ت آبادگار وڌيڪ تباھ ٿي ويندو ھن وڌيڪ چيو ت ڪي پي ڪي جي وزير اعلي جي سنڌ ۾ آمد تي سنڌ حڪومت جو پروٽوڪول ڏيڻ واري ڳالھ ڊرامو آھي ڇوت ھڪ پاسي پروٽوڪول جي ڳالھ ڪن ٿا ت ٻي پاسي وري واپارين کي ڌمڪائين ٿا