الھرکيو خاصخيلي جي هڱورجا ڀرسان ڳوٺ سرائي صيفل خاصخيلي ۾ جنازي نماز بعد تدفين
ھڱورجا(رپورٽر)گسٽا سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي جو مڙھ شاھ لطيف جي واين ۽ نوحا خواني سان گڏ ھزارين آلين اکين سان ھڱورجا ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي . علائقي سوڳ جي لھر . تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي اڳواڻ ۽ يوسي صفوران جي چيئرمين بشيراحمد خاصخيلي جي وڏو ڀاء گسٽا سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر استاد الھرکيو خاصخيلي جو مڙھ ھڱورجا ڀرسان ڳوٺ سرائي صيفل خاصخيلي جي اباڻي قبرستان ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي وائي ۽ نوحا خواني سان گڏ ھزارين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو آھي مرحوم استاد الھرکيو خاصخيلي جي جنازي نماز سنڌ جي مشھور شيعا عالم سيد محسن شاھ نقوي پڙھائي وئي جنازي نماز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري.جماعت اسلامي سنڌ جو مرڪزي اڳواڻ ممتاز سھتو .سگا جي مرڪزي اڳواڻ منظور حسين اڄڻ . گسٽا جي مرڪزي صدر مقصود مهيسر . شيعا عالم سيد اصغر علي شاھ نقوي .پ پ پ اڳواڻ سرائي نثار خاصخيلي. عابد خاصخيلي.غلام عباس ڪٻر .سيد حسن شاھ لڪياري. يوسي سمي جي چيئرمين ميان مٺل پيرزادو.يوسي سيٺارجا بالا جي چيئرمين ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي يوسي رسول آباد جي چيئرمين عبدالقادر ميمڻ يوسي ڀونڀٽ پور جي محمد رمضان سھتو .گسٽا اڳواڻ لياقت علي خاصخيلي. گسٽا اڳواڻ منير کھڙو . يوسي سڳيون جي وائيس چيئرمين لياقت علي قريشي.خيرپور صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ.شمن راڄپر.عبدالجبار چانگ.پريس ڪلب راڻيپور جي صدر عبدالرحيم سولنگي.شاھ جي مشين پريس ڪلب جي صدر نذير سولنگي.سيد احمد شاھ.استاد بشيراحمد سھتو. محمد مٺل سھتو عبدالمقيم ميمڻ ھزارين سوين ماڻھن شرڪت ڪئي آھي استاد الھرکيو خاصخيلي جي جي وڇوڙي تي سندس وارثن ايس يوپي اڳواڻ فتح علي خاصخيلي.پ پ پ اڳواڻ ۽ يوسي صفوران جي چيئرمين بشير خاصخيلي.گسٽا اڳواڻ اعجاز خاصخيلي سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.
0 تبصرے