ھڱورجا جي سياسي سماجي شخصيت ۽ گسٽا سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي لاڏاڻو ڪري ويو

الھرکيو خاصخيلي ڪراچي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ھڱورجا جي سياسي سماجي شخصيت ۽ گسٽا سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي لاڏاڻو ڪري ويو

ھنڱورجا جي سياسي سماجي شخصيت ۽ گسٽا سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي لاڏاڻو ڪري ويو تفصيل موجب ھنڱورجا جي سياسي سماجي ۽ تعليمي شخصيت گسٽا سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي ڪراچي ۾ اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آھي مرحوم استاد الھرکيو خاصخيلي 9 سال گسٽا سنڌ جو مرڪزي صدر رھيو.خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جو مرڪزي اڳواڻ ھيو ۽ رٽائرڊ ملازمن جي تنظيم گريوا جو پڻ مرڪزي اڳواڻ ھيو.استاد الھرکيو خاصخيلي گزريل ڏينھن ھنڱورجا کان ڪراچيءَ ويل ھيو جتي اچانڪ دل بيھڻ سبب فوت ٿي ويو آھي مرحوم استاد الھرکيو خاصخيلي يوسي صفوران جي چيئرمين بشير خاصخيلي.ايس يوپي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ فتح علي خاصخيلي جو ڀاءُ پڻ ھيو مرحوم جي جنازي نماز ھڱورجا ڀر سان ڳوٺ سرائي صيفل خاصخيلي ۾ ادا ڪئي ويندي.