English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ۾ آل زهراڻي جت ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان مچ ڪچهري منعقد
252 views
|
04th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سگهڙن، شاعرن، اديبن، فنڪارن، صحافين سميت سوين ساڃاهه وندن جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر ۾ آل زهراڻي جت ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان مچ ڪچهري، مختلف علائقن مان سگهڙن، شاعرن، اديبن، فنڪارن، صحافين سميت سوين ساڃاهه وندن جي شرڪت، پروگرام ۾ برادري جي ٻن دوستن جي جنم ڏينهن جا ڪيڪ ڪاٽيا ويا، سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ کي سنڌ جي سگهڙائپ سان ئي بچائي سگهجي ٿو. سگهڙن، ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪي جي لڄ رکي آهي، ڪچهري اسان جي ثقافت جو حصو آهي، هڪ ويلو بک تي رهي به پنهنجي ٻچڙن کي تعليمي زيور سان آراسته ڪيو، تعليم ذريعي ئي هر ميدان ۾ فتح حاصل ڪري سگهجي ٿي، بالاچ عمر جت، مير ذوالفقار ميرجت، رجب زهراڻي، صادق لاکو ۽ ٻين جو خطاب، تفصيل موجب ملير جي علائقي گهگهر ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات آل زهراڻي جت ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان مچ ڪچهري جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان سگهڙن، شاعرن، اديبن، فنڪارن، صحافين سميت سوين ساڃاهه وندن ۽ جت برادري شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سينيئر صحافي ملير پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر مير ذوالفقار مير جت ۽ حميد گل جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان تاڙين جي گونج ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان شرڪت ڪندڙ سگهڙن ۾ احمد علي چانڊيو، منظور سومرو، امداد خشڪ، محمد صديق جماري، ديدار ڀٽي، گل حسن سومرو، اشرف شيخ، پنجايو مرگھر، فقير علي نواز لنجواڻي ۽ لوڪ راڳي گلشير چانڊيو پنهنجي فن جو زبردست مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ٻالڪن باغي نذاڪت، حامد انور زھراڻي قومي شاعري ٻڌائي مچ ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ڪچهري ۾ موجود سوين ماڻهن کي خطاب ڪندي نامياري صحافي مير ذوالفقار ميرجت چيو ته سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ کي هٿيارن، ويڙھو حڪمت عملين سان نه پر علم، ادب ۽ سگهڙائپ جي حڪمت عملي سان ئي بچائي سگهجي ٿو، هن چيو ته سنڌ جي سگهڙن ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪي جي لڄ رکي آهي ۽ پنهنجي ثقافت کي سڄي دنيا ۾ نروار ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي منظم ۽ متحد ٿي ڏاهپ ذريعي پنهنجي وجود لاءِ ويڙهه وڙهڻي پوندي پر جيڪڏهن وڙهي نه ٿا سگهون ته پڙهي ته سگهون ٿا. پنهنجا ٻچا ۽ نياڻيون پڙهايو سنڌ بچايو، هن چيو ته مسلسل حڪمران رهندڙ ڌر اسان جي برادري جي ماڻهن سان ٻه اکيائي واري روش رکيو اچي جيڪا هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، بنيادي سهولتن سان گڏ گڏ ملير ۾ سياست ۾ به اسان جي ماڻهن کي حصو ڏنو وڃي، بالاچ عمر چيو ته مچ ڪچهرين جهڙن اتساهه ڏيندڙ پروگرامن، ساڃاهه وندن با اخلاق، علمي ۽ ادبي ڪچهريون ۽ صحتمند بحث ئي سکيا جو مرڪز هوندا آهن، سنڌ ڪلچرل فورم جي باني ۽ چيئرمين صادق لاکو چيو ته ڪچهري اسان جو ورثو آهي جنهن مان جتي ويهي دنيا جي معلومات، سالڪن جا سبق آموز گفتا ٻڌبا هئا پر هڪ ٻئي سان پيش ايندڙ مسئلن کي ٻڌي انهن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙبي هئي ڪچهري اسان جي نوجوانن جي آبياري پئي ڪئي آهي، سکيا جو مرڪز رهي آهي، اهڙا صحت مند پروگرام گاهي به گاهي ٿيڻ گهرجن، آل زهراڻي جت ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر رجب علي زھراڻي، غلام سرور زهراڻي، جمشيد زهراڻي، ڊاڪٽر نظير زهراڻي، پيپلزپارٽي اڳواڻ آغا طارق پٺاڻ، عوامي تحريڪ اڳواڻ ايڊوڪيٽ رستم ميراڻي، قومي عوامي تحريڪ جي فياض اتيرو، ڊاڪٽر اصغر لاشاري، پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ يوسي گهگهر جي وائس چيئرمين ستار جوکيو، حاجي اسماعيل مگسي ۽ ٻين چيو ته اسان کي علم، ادب ۽ڏاهپ جي ضرورت آهي. موجوده جديد دور ۾ ثقافت کي هٿياربڻائيندي ڏاهپ وسيلي ئي وڙهي سگهجي ٿو. هنن چيو ته پنهنجون نياڻيون پڙهايون هڪ سڌريل عورت وطن دوست قوم پيدا ڪري سگهي ٿي، پروگرام ۾ گلاب خان زهراڻي، عبدالحفيظ، انجنيئر الاهي بخش، انور مٺل، ذوالفقار علي، اصغر زھراڻي، امتياز علي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته پروگرام ۾ آيل معزز مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، مچ ڪچهري ۾ لوڪ راڳي مبين شيخ، ملير پريس ڪلب جي صدر حنيف سومرو، محمد خان ڪلمتي، ڪرمچند، آڌار فائونڊيشن ۽ آڌار ميڊيا گروپ جي سي اي او ڊاڪٽر ڀاڳچند مهيشوري، الاهي بخش لاشاري، منور هڱورو، امام الدين کوکر، انجنيئر عمران سرگاڻي، اصغر لاشاري، وجاهت قمبراڻي، ماجد شيدي، انور سمون، اصغر مگسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گهگهر ۾ آل زهراڻي جت
0 تبصرے