English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيئي سنڌ محاذ طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ مزدور ڪانفرنس منعقد
305 views
|
04th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ضمير حاجاڻو، فيض سنڌي، مارو شر، شيراز سولنگي، اقبال ڪلمتي، سعيد سولنگي ۽ ٻيا شريڪ
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ مزدور ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ ڪراچي ڊويزن جي صدر ضمير حاجاڻو، ضلعي ملير جي صدر فيض سنڌي، مارو شر، ايس يو پي اڳواڻ شيراز سولنگي، جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ اقبال ڪلمتي، سعيد سولنگي سميت وڏي انگ ۾ پورهيتن شرڪت ڪئي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪراچي خاص ڪري ملير ۾ سوين فيڪٽريون موجود هجڻ باوجود مقامي سنڌي مزدورن کي روزگار کان محروم رکيو پيو وڃي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي نوڪري ملي به ٿي ته ان سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو۔ هنن الزام هنيو ته ڪيترين ئي فيڪٽرين ۾ غيرقانوني طور ڪالونيون قائم ڪري ٻين صوبن مان ماڻهن کي آڻي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مقامي ماڻهو بيروزگار بڻيل آهن اڳواڻن چيو ته سورتي انڊسٽريل زون، لانڍي انڊسٽريل زون، پورٽ قاسم انڊسٽريل زون، قاسم ڊينم ٽرمينل ون ۽ آءِ آءِ فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونھون، گندو پاڻي ۽ ماحولياتي آلودگي سبب مقامي آبادي ۽ ڳوٺاڻا سخت متاثر ٿي رهيا آهن، پر ان جي باوجود به هتان جي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي هنن واضح ڪيو ته ليبر قانون ۾ صاف لکيل آهي ته جتي به ڪا فيڪٽري لڳندي تک روزگار تي پهريون حق اتان جي مقامي ماڻهن جو هوندو آھي پر هن قانون جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي ڪانفرنس ۾ اڳواڻن اعلان ڪيو ته ڄاڻايل فيڪٽرين خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي جنھن جي پھرين مرحلي ۾ اي آء جي فيڪٽري سامھون وڏو عوامي احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيئي سنڌ محاذ طرفان عوامي پريس ڪلب
مزدور ڪانفرنس منعقد
عوامي پريس ڪلب ملير
0 تبصرے