ڏيپلو ويجهو ايم اين اي نيلم ڪماري جي پروگرام ۾ شرڪت

تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ اهڙا قدم مستقبل کي روشن بڻائيندا: نيلم ڪماري

ڏيپلو ويجهو ايم اين اي نيلم ڪماري جي پروگرام ۾ شرڪت

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڳوٺ ڏاڀڙي، تعلقو ڏيپلو ۾ ھنگڙاهائوس تي هڪ شاندار سماجي ۽ تعليمي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر نواز ليگ ايم اين اي نيلم ڪماري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، پروگرام دوران شاگردن ۽ ٻارن ۾ مفت ڪتابن جا ٿهيلا ورهايا ويا، جڏهن ايم اين اي ادي نيلم ڪماري جو ڀرپور آجيان ڪيو ويو، پروگرام جي ميزباني رميش ٽاڀاڻي، ڳاڳن ٽاڀاڻي، واڻيان برادرس ۽ ڳوٺ ڏاڀڙي وارن ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم اين اي نيلم ڪماري تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اقليتي علائقن ۾ تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ اهڙا قدم مستقبل کي روشن بڻائيندا، ان کان علاوه، ڏيپلو شهر ۾ سماجي اڳواڻ ڳنيش ميگهواڙ جي دعوت تي هڪ ٻيو وڏو اجتماع تلو پاڙي ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايم اين اي نيلم ڪماري سان گڏ موهن لال موتياڻي، ڀمرلال ڪرناڻي،وشن داس ڪماليه سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ ڏيپلو شهر ۽ آس پاس جي ڳوٺن مان ميگهواڙ برادري جي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن ۾ ڀوجو مل، ليمون مل، وڪو مل، نهال ميگهاڻي، ٿانور داس، پنھون ولاسائي، ميوا رام ساقي، رميش ڪمار، ڊيوجي ڏيپلائي، ايسر داس بچاڻي، تنو مل پنجاڻي، راڻو مل، روشن راهي، سيٺ رميش هنگڙا، ڪامريڊ فوٽو مل، ٽيڪم داس، ضياءُالدين بلوچ سميت ڪيترائي ٻيا معزز شامل هئا، جن خوشيءَ جو اظهار ڪندي تحفا پڻ ڏنا، ٻئي طرف، اقليتي عورتن به وڏي پيماني تي شرڪت ڪري نيلم ڪماري سان محبت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو، نئين سال جي خوشي ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، آخر ۾ سماجي ايڪٽوسٽ نوجوان ڳنيش ميگهواڙ ۽ تلو پاڙي جي رهواسين نئين سال تي شرڪت ڪرڻ تي مهمانن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو، پروگرام جي پڄاڻي تي پياري وطن پاڪستان جي ترقي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون ٻي پاسي ايم اين اي نيلم ڪماري نئوڪوٽ پھچي سيٺ جيسارام طرفان رکيل چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي جتي سيٺ سريش ڪمار ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا