نئون سال انهيءَ کي چئجي، جنهن ۾ سمورا ڏک پڄاڻي تي پهچن، نوان صبح نئين اميدن سان اڀرن، ۽ هر پاسي سک، شانتي ۽ خوشيون هجن. v
پر اسان وٽ؟ نئون سال ته اچي ٿو، پر حالتون ساڳيون، ماڻهو ساڳيا، ڏک به ساڳيا، تڪليفون به اهي ئي پراڻيون... پوءِ خوشي ڪنهن شيءَ جي؟
اسان جي سماج ۾ اڄ به قبائلي جهيڙا، ڌاڙيل ڪلچر، قتل ۽ اغوا روزانه معمول بڻجي ويا آهن. دنيا جتي سائنس، تعليم، تحقيق ۽ ترقيءَ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، اتي اسان وٽ اڃا به اخبارن جون سرخيون صرف خوني تڪرارن، ڦرن ۽ جهيڙن سان ڀريل ھونديون آهن.
پهرين اخبارن ۾ ٻارن لاءِ ادبي صفحا، سچائيءَ تي مبني ڪهاڻيون، اخلاق ۽ علم جي واڌاري لاءِ مواد هوندو هو – هاڻ اهي صفحا رت سان رنگيل ھجن
اسان وٽ ڪاپي ڪلچر تعليم جي بنيادن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. نئون نسل رڳو نمبر وٺڻ لاءِ پڙهي ٿو، علم حاصل ڪرڻ لاءِ نه. اهڙن حالتن ۾ اسان ڪهڙو نئون سال ملهائينداسين؟
سوال اهو ناهي ته نئون سال اچي ٿو، سوال اهو آهي ته ڇا اسان پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟
جيڪڏهن نه ته پوءِ نئون سال رڳو هڪ تاريخ جي تبديلي آهي، نه ڪا خوشيءَ جي ڪا اميد۔
اسان کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ تعليم جو حقيقي روح اسان جي اسڪولن مان غائب ٿي ويو آهي. استاد، جيڪي معاشري جا معمار سڏبا هئا، اڄ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پنهنجو بنيادي فرض نڀائڻ بجاءِ رڳو حاضريءَ تائين محدود آهن. پهريان اسان ٻڌندا هئاسين ته يارهين ۽ ٻارهين وارا ڪاپي ڪن ٿا، پر هاڻ ته چوٿين، پنجين جماعت ۾ به ڪاپي عام ٿي وئي آهي، جيڪو تعليمي زوال جو چٽو دليل آهي.
تعليم جي وزير جون دعوائون ته تعليم ۾ ترقي ٿي آهي، رڳو بيانن جي حد تائين آهن. جيڪڏهن محترم وزير تعليم اتر سنڌ جي اسڪولن جو اوچتو مختلف ضلعن جي ٻھراڙين جودورو ڪري، ته کيس خبر پئجي وڃي ته اسڪولن ۾ ڇوڪرا ڪتاب بدران ڪاپي سان ٻڏي پيا آهن. تعليم جو حال احتجاجن تائين پهچي چڪو آهي، جتي نه داد ملي ٿو، نه انصاف.
معاشرو ايترو پئسي پرست ٿي ويو آهي جو هر ڪو مال ۽ ملڪيت لاءِ وڙهي ٿو. انصاف رڳو اميرن لاءِ بچي ويو آهي، ۽ غريب لاءِ رڳو آسرو. عام ماڻهو لاءِ قانون هڪ ڪتاب جو نالو آهي، پر اميرن لاءِ رستو ٺاهيندڙ اوزار.
انهي پسمنظر ۾، منهنجو وڏن اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽ مفڪرن کان هڪ سادو سوال آهي ,
اوهان نئين سال جون مبارڪون ڇو ڏيندا آهيو؟
ڇا اوهان کي واقعي لڳي ٿو ته ڪجھ به نئون ڪيو آهي؟
اوهان ته علم ۽ عقل جا روشن ڏيئا آهيو، مهرباني ڪري اسان کي دليل ڏيو ته آخر ڇا لاءِ مبارڪباد ڏجي جڏهن نه تعليم آهي، نه انصاف، نه امن، نه اميد؟
جواب اڃا پيا ڳولينداسين، شايد ايندڙ سال به.
اسان کي ته نه روڊن جي سهولت آهي، نه گئس، نه پاڻي، نه تحفظ. جن شين تي حق آهي، تن جا مالڪ به اسين ئي آهيون اھي حق به اسان وٽ ناھن پر ان جي باوجود اسانکي ئي محروم رکيو ويو آهي. پوءِ نئين سال جي اسان لاءِ ڪهڙي خوشي ٿي؟
اوهان وڏا ليکڪ، دانشور، مفڪر آهيو—مهرباني ڪري ٻڌايو، اوهان نئون سال ڇو ملهايو ٿا؟ ڪهڙي خوشي تي مبارڪبادون ڏيو ٿا؟ اسان جهڙا هزارين ماڻهو روز محرومي، غربت، ناانصافي ۽ بي وسيءَ ۾ جيئڻ تي مجبور آهن، پوءِ اسان لاءِ نئين سال جي خوشيءَ جو مطلب ڇا؟
ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، لاهور، اسلام آباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ نئون سال فائرنگ، ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ جشن سان ملهايو وڃي ٿو. پر ڇا ڪنهن سوچيو آهي ته سال جي آخر سان اسان جي زندگيءَ جو هڪ قیمتي سال گهٽجي ٿو؟
ڇا اسان ان سال ۾ الله کي راضي ڪيو؟ ڪا نيڪي ڪئي؟ ڪا نماز ادا ڪئي؟ ڪا خطا گهٽي؟ نه! ته پوءِ خوشي ڇا جي؟
ڇاسان کي نئون سال ملهاڻ بجاءِ، پنهنجي گذريل سال جي غلطيُن، ڪوتاهين ۽ گناهن تي افسوس ڪرڻ گهرجي. نئين سال کي جشن نه، بلڪه هڪ نئين شروعات، توبھ، سچي نيت، ۽ اصلاح جي عزم سان ملهاڻ گهرجي.
ڇا ڄاڻ، جيڪو سال آيو آهي، اهو اسان جي زندگيءَ جو آخري سال هجي؟ سوچڻ جي ڳالھ آهي!
اهي نئين سال جا فائر، ڪيڪ، ۽ بي مقصد مبارڪون هاڻ ختم ٿيڻ گهرجن. نئون سال رڳو جشن لاءِ نه، پر نئين اميدن، نئين سوچن، ۽ نئين واٽن جي شروعات لاءِ هوندو آهي.
خدا کان دعا آهي ته هي نئون سال سنڌين لاءِ خوشيون، امن، سک، ۽ انصاف کڻي اچي. اسان لاءِ به نئين ساه، نئين راه، ۽ نئين صبح جو ڪارڻ بڻجي.
اسان سڀني کي گهرجي ته اسين الله ۽ سندس محبوب حضرت محمد ﷺ جي ڏسيل واٽ صراط المستقيم تي هلون، پنهنجي عملن کي درست ڪريون، توبه ڪريون، نيڪي طرف وڌون، ۽ ظلم، فساد، جهالت، ڪينا، حسد، نفرت ۽ ناانصافيءَ کان پري رهون.
ڌڻي در دعا آهي ,
اي الله! اسان جا ڏوهه معاف ڪر، اسان کي محمد مصطفى ﷺ مالڪ ٻن جهانن جي صدقي ۾ بخش، ۽ اسان جي ماضي جي غلطيُن کان درگذر فرما. آمين.
0 تبصرے