ملير: ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران نينگر فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

14ورهين جو محمد ارسلان ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳائڻ کان پوءِ فوت ٿي ويو: وارث

ملير: ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران نينگر فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ۾ قائم نجي اسپتالون عوام لاءِ آزار بڻجي ويون آهن ڪجهه ڏينهن اڳن تازي ڄاول کي وڪرو ڪرڻ جو معاملو اڃان حل نه ٿيو آهي ته هڪ ٻي خانگي اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳائڻ کان پوءِ 14 ورهين جو نوجوان محمد ارسلان پٽ حاجي منير فوت ٿي ويو اطلاعن موجب نوجوان گلستانِ مصطفىٰ واري نجي اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو هو۔ وارثن مطابق ارسلان ويلڊنگ جي دڪان تي ڪم ڪندو هو ۽ ٽي ڏينهن اڳ کيس بخار ٿيو، جنهن تي علاج لاءِ ڀرسان نجي اسپتال ويو، جتي ڊاڪٽر پاران انجيڪشن لڳائڻ بعد سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي ويئي نوجوان کي فوري طور طبري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ڪراچي موڪليو ويو جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو۔ ڊاڪٽرن موجب موت جو ڪارڻ جسم ۾ زهر ڦهلجڻ ۽ انجيڪشن جو ري ايڪشن هو فوتي نوجوان جي وارثن متعلق معلوم ٿيو آهي ته هنن مبينا طور ڊاڪٽر سان معاملا طئي ڪري ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن تہ وارثن ميڊيا آڏو به موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهچي ڊاڪٽر کي چوڻ معاف ڪرڻ جو لکي ڏنو ۽ فوتي نوجوان جي لاش کي تدفين لاءِ سندس اباڻي علائقي جلالپور (پنجاب) روانو ڪيو ويو آهي۔ پوليس طرفان واقعي بابت ڪا به رسمي جاچ هن وقت تائين شروع نه ٿي آهي۔