ڏوڪري ۾ ھاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان طرفان سارين جي اگهه ۾ گهٽتائي خلاف ريلي

ساريون مارڪيٽ ۾ اچي ويو پر نه امدادي قيمت مقرر ٿي ۽ نه ئي خريداري سينٽر کُلي سگهيا آهن: اڳواڻ

ڏوڪري ۾ ھاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان طرفان سارين جي اگهه ۾ گهٽتائي خلاف ريلي

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪريءَ ۽ ھاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان طرفان سارين جو فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ باوجود سرڪار طرفان اگھ مقرر نه ڪرڻ ۽ خريداري مرڪز نه کولڻ خلاف سائنس ڪاليج ڏوڪري کان عاجز ماڇي، انور ڏنگڙائي فياض سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو آهي.انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سارين جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي پر سرڪار طرفان نہ امدادي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي نه ئي خريداري جو ڪو بندوبست ڪيو ويو آهي. ھنن چيو ته سنڌ جو 70% سيڪڙو ماڻهن جو تعلق زراعت سان لاڳاپيل آهي پر حڪومت ان 70% سيڪڙو آبادي سان آزاد منڊي معيشيت واري پاليسي پاليسي اختيار ڪري واپارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.ھنن چيو ته حڪومت گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھارين جي زرعي جنسن جا اگھ گهٽائي انهن کي قرضن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي برعڪس زرعي دوائون، ڀاڻ ۽ ٻج مهانگا ڪري هارين سان دشمني وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زرعي جنسن جا سرڪاري مرڪز کولي ھارين کان امدادي قيمت تي ساريون خريد ڪيون وڃ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.