ڏوڪري ۾ واپڊا ڪالوني واسي پورهيت جو احتجاجي مظاهرو

گذريل سال مريد مگسي گهر مان نياڻي جو ڏاج ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويو هو: محمد علي کوکر

ڏوڪري ۾ واپڊا ڪالوني واسي پورهيت جو احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري واپڊا ڪالوني جي رهواسي پورهيت محمد علي کوکر ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ڏوڪري پوليس خلاف احتجاج ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙن پورهيت محمد علي کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال مريد مگسي گهر ۾ رات جي وقت داخل ٿي نياڻي جو ڏاج ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري پوليس ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس به داخل ڪرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ سال کان ڏوڪري ٿاڻي تي چڪر ڪاٽي رهيو آهيان، پوليس مريد مگسي کي گرفتار ناهي ڪري نه ئي چوري واپس ڪرائي ٿي ڏئي. هن مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي جوابدار مريد مگسي کي گرفتار ڪيو وڃي.