عدالتن ۾ زير التوا ڪيسن جي وقت سر پيروي کي يقيني بڻايو وڃي: ڊي سي عمرڪوٽ

ڊي سي نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت ۾ ضلعي لٽيگيشن ڪاميٽي جو اهم اجلاس ٿي گذريو

عدالتن ۾ زير التوا ڪيسن جي وقت سر پيروي کي يقيني بڻايو وڃي: ڊي سي عمرڪوٽ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت ۾ ضلعي لٽيگيشن ڪاميٽي جو اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ لاڳاپيل سرڪاري کاتن جا آفيسر، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پٿورو سنجي ڪمار، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ڊي ايس پي تصور جٽ، ضلعي اطلاعات آفيسر محمد اسلم ڀٽي، ايڪسئيئن ايجوڪيشن ورڪس وشال داس، ڊي او ايجوڪيشن سيڪنڊري مير حسن آريسر، سرڪاري وڪيل ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا۔ اجلاس دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري بريفنگ ڏيندي مختلف کاتن جي زير التوا ڪيسن جي موجوده صورتحال ۽ اڳڀرائي بابت تفصيل سان آگاهي ڏني۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ هدايت ڪئي تہ سڀئي کاتا عدالتن ۾ زير سماعت سرڪاري ڪيسن ۾ جواب داخل ڪرائڻ ۽ پيروي جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس کي اعتماد ۾ وٺن ۽ مقرر ڪيل وقت جي سختي سان پابندي کي يقيني بڻائن۔ ھن زور ڏيندي چيو تہ سرڪاري ڪيسن ۾ دير سبب نہ رڳو سرڪاري معاملن تي اثر پوي ٿو پر عوامي مفاد سان لاڳاپيل ڪيس بہ متاثر ٿين ٿا، تنهن ڪري آفيسر پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪندي عدالتن ۾ اثرائتي نموني سان ڪيسن جي پيروي ڪن۔ ڊپٽي ڪمشنر سڀني کاتن کي هدايت جاري ڪئي تہ هو مهيني بنيادن تي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائن ۽ ڪنهن بہ ڪيس ۾ قانوني رڪاوٽن بابت وقت سر آگاهي ڏين، گڏوگڏ هر کاتو پنهنجو هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪري جيڪو سرڪاري ڪيس جي پيروي ڪندو۔ اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر يقين ڏياريو تہ ضلعي انتظاميہ هر سطح تي کاتن سان سهڪار ڪندي ته جيئن سرڪاري ڪيسن کي جلد از جلد نبيريو وڃي ۽ سرڪاري مفاد جو مڪمل تحفظ يقيني بڻائي سگهجي۔