English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ عالمي خلائي هفتي ۾ حصو وٺندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ ايوارڊ تقريب
68 views
|
28th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
بھادر ويلفيئر فائونڊيشن پاران تقريب دوران مختلف اسڪولن جي شاگردن کي انعام ڏنا ويا
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ بھادر ويلفيئر فائونڊيشن جي طرفان عالمي خلائي هفتي جي حوالي سان هڪ شاندار ايوارڊ تقريب جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي انهن شاگردن کي انعامن سان نوازيو ويو، جن خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت سرگرمين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري تقريب ۾ بھادر ويلفيئر فائونڊيشن جي چيئرمين بھادر منگريو، تعليمي ماهر عبدالڪريم تبسم منگريو ۽ انجنيئر سرفراز خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، تقريب دوران شاگردن کي سپارڪو جي طرفان ٽيلي اسڪوپ، جڏهن ته فائونڊيشن جي طرفان شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽس ڏنا ويا انعام حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ خوشي ۽ جوش جي لهر ڇانيل رهي، شاگردن چيو ته بھادر ويلفيئر فائونڊيشن نه رڳو بهترين تعليم مهيا ڪري ٿي، پر شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ اهڙيون تقريبون پڻ منعقد ڪري ٿي، جيڪي سندن اعتماد ۽ محنت ۾ اضافو ڪن ٿيون، عبدالڪريم تبسم منگريو پاران خلا بابت ڄاڻ وڌائڻ لاءِ هڪ سائنسي ٽيسٽ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن کي نظام شمسي ۽ خلائي سائنس سان لاڳاپيل سوالن جا جواب ڏيڻا پيا، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي ٽيلي اسڪوپ، شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويا، جن ۾ محمد ھاشم راهمون (دي اسڪالر پبلڪ اسڪول) 100 مان 92 نمبر حاصل ڪري پهريون نمبر حاصل ڪيو، رضوانه ابراهيم راهمون (ڪلاس اٺين) ۽ رياض ابراهيم راهمون (ڪلاس نائين) پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، زينت سومار چانهيون پوسٽر مقابلي ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، حسمان عبدالغني هاليپوٽو، حسن رضا فيروز علي، سرويچ نارائڻ داس، شهباز علي طالب سومرو، مقدس شير محمد، امبر رائيچند، سنيل ڪمار، منور ڪيول، جئه ڪماري، ورشا پرمار، ۽ جمن جان پڻ پنهنجن ڪلاسن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيون، تقريب ۾ خطاب ڪندي مقررین چيو ته عالمي خلائي هفتو ملهائڻ جو مقصد نوجوان نسل ۾ سائنسي ڄاڻ، تجسس ۽ تحقيق جو جذبو پيدا ڪرڻ آهي، جيئن مستقبل ۾ اهي ملڪ جي ترقي ۽ سائنس جي دنيا ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن، آخر ۾ شاگردن ۽ والدين بھادر ويلفيئر فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون تعليمي ۽ سائنسي سرگرميون شاگردن ۾ علم ۽ شعور وڌائڻ جو بهترين ذريعو آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
بھادر ويلفيئر فائونڊيشن جي
0 تبصرے