شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور جي مدئجي لڳ ڳوٺ آرائين ۾ مڱريا برادري جي سردار منظور احمد خان مڱريو ۽ سردار جنيد احمد مڱريو طرفان پي ايس 9 جي پ پ اميدوار آغا شھباز خان دراني جي اليڪشن مھم جي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي,ڪارنر گڏجاڻي ۾ پي ايس 9 جي اميدوار آغا شھباز خان دراني,پ پ ضلعي صدر اڳوڻي وفاقي وزير مير عابد خان ڀيو شرڪت ڪئي,گڏجاڻي ۾ سردار منظور احمد خان مڱريو آيل مھمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ۽ پي ايس 9 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي حوالي سان پ پ اميدوار آغا شھباز خان دراني حمايت ڪندي مڪمل ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو,ھن وڌيڪ چيو تہ اسان جو دراني خاندان سان پراڻو واسطو آھي مرحوم آغا سراج خان دراني سان ھميشہ اسان اليڪشن ۾ نڀايو آھي آغا شھباز خان بہ آغا صاحب جي نشاني آ اسان کيس ساڳي نظر سان ڏسون پيا اليڪشن ۾ ڀرپور ساٿ ڏبو,ڪارنر گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي پي ايس 9 جي اميدوار آغا شھباز خان دراني جو چوڻ ھو تہ اسان سردار منظور احمد خان مڱريو ۽ جنيد احمد مڱريو جا نھايتي شڪر گذار آھيون جن سٺي موٽ ڏني ۽ اليڪشن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي,ھن چيو تہ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوء مان ڪوشش ڪندس پنھنجي مرحوم بابا جي ڏسيل راھ تي ھلي مظلوم عوام جي خدمت ڪري سگھان,پنھنجي تڪ جي عوام کي اڪيلو نہ اڳ ڇڏيو آ ۽ نہ وري ھاڻي ڇڏينداسين پنھنجي علائقي جي ماڻھن کي روزگار, امن امان, صحت, تعليم ڏيارڻ اسان جو فرض آھي,تقريب پ پ ضلعي صدر مير عابد خان ڀيو خطاب ڪندي چيو تہ سردار منظور احمد خان مڱريو جا شڪر گذار آھيون جن ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو آھي,پ پ اميدوار آغا شھباز خان دراني کي گڏجي ڪامياب ڪرائينداسين,علائقي جي ماڻھن جي مدد ڪرڻ انھن سان ڏک سک ۾ بيھڻ دراني خاندان جي روايت رھي آھي,جنھن کي اڄ ڏينھن تائين برقرار رکيو اچن پيا,اسان بہ کيس گڏ آھيون ضمني چونڊن ۾ آغا شھباز خان دراني کي ڪامياب ڪرائينداسين,ڪارنر گڏجاڻي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن ... سميت پ پ اڳواڻن سردار عمران خان سڌايو ، حاجي مير جاني خان سڌايو ، مير ذوالفقار خان پيرزادو سميت ڪارڪنن, ورڪرن ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي..
0 تبصرے