English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ فرينڊز فورم پاران دبئي ۾ سنڌ جي هزارين سالا شاندار تاريخ رکندڙ ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو
312 views
|
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ڀلوڙ راڳين ضامن علي ، شھلا گل، سيف سميجو ۽ مانجھي فقير سر وکيريا، پروگرام شريڪ فيميلز سنڌي گيتن تي رقص ڪيو
سنڌ فرينڊز فورم پاران دبئي ۾ شاندا سنڌي ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو ، جنھن ۾ سوين سنڌين فيمليز سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. دبئي جي پاڪستان ايسوسيئشن آديٽوريم ۾ سنڌ جا ثقافتي رنگ جرڪي پيا، گڏيل عرب امارات جي مختلف رياستن مان سوين سنڌين پنھنجا ثقافتي ويس پھري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ، پروگرام جي شروعات لطيف سرڪار جي وائي سان ڪئي وئي، آيل مھمانن کي فورم جي ڪنيونر بشير آريسر آجياڻو ڏيو، بشير آريسر چيو تھ اسان ٿورائتا آھيون سڀني دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل مھمانن جا ، ۽ يو اي اي جي سمورين رياستن مان آيل ۽ پروگرام کي سپورٽ ڪندڙ اسپانسرز اپيڪس ريئل اسٽيٽ، پي پي جي سوليوشن، تقريب دوران گڏيل عرب امارات جي نيشنل ڊي جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو، جنھن ۾ خصوصي شرڪت طور ڊاڪٽر بو عبداللھ شرڪت ڪئي ، پروگرام جي خاص مھمانن ۾ احسان لغاري، سرتاج جوڻيجو، امتياز گھمرو، رضا لغاري، زاھد ڪناسرو، شوڪت سرڪي، جھانزيب چانڊيو، بشير چانڊيو، پرديپ ڪمار، رسول بخش سومرو ۽ ٻين کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا ۽ شيلڊون ڏنيون ويون، ثقافتي پروگرام ۾ سنڌي مزاح جي ستارن علي گل ملاح ۽ گامون ماڻھن کي کلائي کلائي کيرو ڪيو، بھترين آرٽسٽ سجاد سھاڳ ھوسٽنگ جا فرض سرانجام ڏنا، سنڌ جي ڀلوڙ راڳين ضامن علي ، شھلا گل، سيف سميجو ۽ مانجھي فقير سر وکيريا، پروگرام شريڪ فيميلز سنڌي گيتن تي رقص ڪيو . فورم جي آرگنائيزرن پدم وير، فھد ابڙو، چاچا اللھ نواز ميمڻ، مالڪ سومرو، ڊاڪٽر عبداللھ ڪلھوڙو، سراج شيخ، عامر ٽالپر، سارنگ ٽالپر، مھيش ڪمار،واجد منگي، علي عباس بھراڻي ۽ ٻين ڊسيپلين کي برقرار رکڻ لاء پنھنجا فرض بھترين نموني سان سرانجام ڏنا، سنڌي ڊاڪٽرس فورم جي ٽيم کي شيلڊ پڻ ڏني وئي. سنڌي ۽ انٽرنيشل ميڊيا جي نمائندن سبط علي، سارنگ سنڌي، اسحاق سومرو، فھد شيخ، مجيب ميراڻي ،سعيد چانڊيو ، فھد عباسي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ فرينڊز فورم پاران دبئي ۾
سنڌ جي ڀلوڙ راڳين ضامن علي
ضامن علي ، شھلا گل، سيف سميجو
0 تبصرے