English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ فرينڊز فورم پاران دبئي ۾ سنڌ جي هزارين سالا شاندار تاريخ رکندڙ ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو
51 views
|
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ڀلوڙ راڳين ضامن علي ، شھلا گل، سيف سميجو ۽ مانجھي فقير سر وکيريا، پروگرام شريڪ فيميلز سنڌي گيتن تي رقص ڪيو
سنڌ فرينڊز فورم پاران دبئي ۾ شاندا سنڌي ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو ، جنھن ۾ سوين سنڌين فيمليز سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. دبئي جي پاڪستان ايسوسيئشن آديٽوريم ۾ سنڌ جا ثقافتي رنگ جرڪي پيا، گڏيل عرب امارات جي مختلف رياستن مان سوين سنڌين پنھنجا ثقافتي ويس پھري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ، پروگرام جي شروعات لطيف سرڪار جي وائي سان ڪئي وئي، آيل مھمانن کي فورم جي ڪنيونر بشير آريسر آجياڻو ڏيو، بشير آريسر چيو تھ اسان ٿورائتا آھيون سڀني دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل مھمانن جا ، ۽ يو اي اي جي سمورين رياستن مان آيل ۽ پروگرام کي سپورٽ ڪندڙ اسپانسرز اپيڪس ريئل اسٽيٽ، پي پي جي سوليوشن، تقريب دوران گڏيل عرب امارات جي نيشنل ڊي جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو، جنھن ۾ خصوصي شرڪت طور ڊاڪٽر بو عبداللھ شرڪت ڪئي ، پروگرام جي خاص مھمانن ۾ احسان لغاري، سرتاج جوڻيجو، امتياز گھمرو، رضا لغاري، زاھد ڪناسرو، شوڪت سرڪي، جھانزيب چانڊيو، بشير چانڊيو، پرديپ ڪمار، رسول بخش سومرو ۽ ٻين کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا ۽ شيلڊون ڏنيون ويون، ثقافتي پروگرام ۾ سنڌي مزاح جي ستارن علي گل ملاح ۽ گامون ماڻھن کي کلائي کلائي کيرو ڪيو، بھترين آرٽسٽ سجاد سھاڳ ھوسٽنگ جا فرض سرانجام ڏنا، سنڌ جي ڀلوڙ راڳين ضامن علي ، شھلا گل، سيف سميجو ۽ مانجھي فقير سر وکيريا، پروگرام شريڪ فيميلز سنڌي گيتن تي رقص ڪيو . فورم جي آرگنائيزرن پدم وير، فھد ابڙو، چاچا اللھ نواز ميمڻ، مالڪ سومرو، ڊاڪٽر عبداللھ ڪلھوڙو، سراج شيخ، عامر ٽالپر، سارنگ ٽالپر، مھيش ڪمار،واجد منگي، علي عباس بھراڻي ۽ ٻين ڊسيپلين کي برقرار رکڻ لاء پنھنجا فرض بھترين نموني سان سرانجام ڏنا، سنڌي ڊاڪٽرس فورم جي ٽيم کي شيلڊ پڻ ڏني وئي. سنڌي ۽ انٽرنيشل ميڊيا جي نمائندن سبط علي، سارنگ سنڌي، اسحاق سومرو، فھد شيخ، مجيب ميراڻي ،سعيد چانڊيو ، فھد عباسي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں مشتعل افراد کا حملہ، انسداد تجاوزات کا ٹرک نذرِ آتش
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ استادن ۽ شاگردن پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سرگرميون جاري
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيو دي لائيوز فائونڊيشن طرفان معذورن جي عالمي ڏينهن تي تقريب
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڀينس ڪالوني ۾ فائرنگ، ڦر واردات دوران 2ڄڻا مرڻينگ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گهارو واسي سماجي اڳواڻ جا بي آءِ ايس پي آفيس جي عملي تي ڪرپشن جا الزام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ فرينڊز فورم پاران دبئي ۾
سنڌ جي ڀلوڙ راڳين ضامن علي
ضامن علي ، شھلا گل، سيف سميجو
0 تبصرے