عالمي منظر نامو, ايران ۾ پاڻي جو بحران

نديم علي خواجه, تلھار

عالمي منظر نامو, ايران ۾ پاڻي جو بحران

جيڪڏھن اسان عالمي سطح تي نظر وجھنداسين ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلي ٿي رھي آھي، جنھن لاء دنيا جا مختلف فورم غور ڪري رھيا آھن، ته انھي تبديلي کي ڪھڙي طرح حل ڪجي، ڇوته موسمياتي تبديلي سان نه صرف خوراڪ جو بحران پيدا ٿي سگھي ٿو، پر انساني الميو پڻ جنم وٺي سگھي ٿو، جيڪو عالمي ماھرين لاء يقينن خطري جي ھڪ گھنٽي آھي، ڪجھ ڏينهن اڳ ايران جي صدر اھو اعلان ڪيو آھي ته جيڪڏھن ايران ۾ ڪجھ ھفتن اندر بارش نه وسي ته ايران ۾ پاڻي جو بددترين بحران پيدا ٿي سگھي ٿو، ۽ صدين کان ايران جي گادي واري شھر تھران ۾ رھندڙ ماڻھن کي پنھنجو اباڻو شھر خالي ڪري ڪنھن ٻئي علائقي ۾ نقل مقاني ڪرڻي پوندي، جيڪڏھن ايران جي ماضي تي نظر وجھنداسين ته گذريل 20 سالن کان ايران ۾ ٽارگيٽ کان گھٽ بارش وسي آھي، جنھن ڪري ايران ۾ مسلسل پاڻي جو بحران رھيو آھي، ء ايران جي زرعي معيشت کي تمام گھڻو نقصان رسيو آھي، ايران ۾ عام ماڻھو جي زندگي تمام گھڻو متاثر ٿي رھي آھي، مگر ايراني صدر جي اعلان کانپوء صورتحال وڌيڪ خراب ٿيئڻ جو خدشو آھي، جيڪڏھن اسان تاريخ جو جائزو وٺنداسين ته ايران جو گادي وارو شھر تھران ھڪ تاريخي شھر آھي، ۽ صدين کان ايران جي ثقافت ء تھذيب جو مرڪز رھيو اھي، ھر سال ڪروڙين زائرين ايران ويندا اھن، جتان ايران کي تمام گھڻي آمدني پڻ ٿيندي آھي، تازي رپورٽ موجب آبي ماھرين خبردار ڪري ڇڏيو آھي ته جيڪڏھن جلد ئي ايران ۾ بارشن جو سلسلو شروع نه ٿيو ۽ انھي بحران کي حل ڪرڻ جي لاء حفاظتي قدم نه کنيا ويا ته تھران ڪجھ سالن ۾ پاڻي جھڙي قدرتي نعمت کان محروم ٿي سگھي ٿو، تھران 900 سالن کان ايران جي دل رھيو آھي، ھڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ آبادي واري ھن شھر ۾ قديمي بازارون، قاچار قبيلي سان تعلق رکندڙ ايراني بادشاھن جا خوبصورت محل، اسلامي فن کي اجاگر ڪندڙ ۽ ايراني تھذيب، علم ۽ ثقافت کي دنيا جي نقشي تي پنھنجي سڃاڻپ پيدا ڪندڙ ھي علائقو يقينن اڄ به عوام جي لاء ھڪ بھترين ڄاڻ ء معلومات جو سبب بڻيل آھي، ء ايران جو بھترين مستقبل آھي، آبي ماھرين خبردار ڪندي اھو به امڪان ظاھر ڪيو آھي ته ايران ۾ زمين جي سطح اندر موجود پاڻي جا ذخيرا خطرناک حد تائين گھٽجي رھيا آھن, ايران جي ڊيمن ۾ ھن وقت صورتحال اھا آھي جي پاڻي 30 سيڪڙو تائين رھجي ويو آھي، بارش ۽ برفباري جي گھٽ ھجڻ سبب ڪجھ سالن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي، دريائن ۾ پڻ پاڻي جي وھڪري جي گھٽتائي سبب نه صرف ايران لاء مسئلو پيدا ٿي سگھي ٿو، پر اھو بحران خطي کي پڻ انھي بحران ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو، اھو مسئلو صرف ايران جو نه رھيو آھي، پر ھاڻي اھو مسئلو پوري خطي جو آھي، جيڪڏھن اسان تصور ڪريون ته جيڪڏھن پاڻي جو اھو بحران تھران جھڙي قديمي شھر کي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء محتاج ڪري سگھي ٿو ته پوء اھو يقينن ٻين سرحدي ملڪن لاء پڻ خطرو پيدا ڪري سگھي ٿو، جيڪڏھن اسان انھي بحران مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ چاھيون ٿا ته ايران، ھندستان، پاڪستان ۽ افغانستان گڏجي ھڪ ڪميٽي ٺاھين، ۽ پاڻي جي انھي بحران تي ڳالھائين ته جيئن بھتر حل نڪري سگھي، جيڪڏھن اسان انھي اھم مسئلي تي سستي ظاھر ڪئي ته يقينن ايندڙ نسلون اسان کان اھو سوال ضرور ڪنديون ته جڏھن تحران ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيو ھو ته ھن خطي جي حڪمرانن پنھنجون اکيون بند ڇو ڪري ڇڏيون، ۽ عملي قدم ڇونه کنيو، پاڪستان ۾ پھرين ئي پاڻي جي کوٽ رھي آھي، بلوچستان، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي ۾ ھن وقت به پاڻي جو تمام گھڻو بحران آھي، پاڪستان حڪومت پڻ انھي اھم مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسي، ۽ ھڪ اھڙي حڪمت عملي ٺاھي، جنھن سان ملڪ اندر پاڻي جي بحران کي نه صرف منھن ڏئي سگھجي، پر بارشن سبب جيڪو پاڻي ضايع ٿي رھيو اھي، تنھنکي استعمال ۾ آڻي سگھجي، ڇوته جيڪڏھن پاڪستان م پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو ته يقينن پاڪستان جي معيشت کي تمام گھڻو نقصان رسي سگھي ٿو، ايران ۾ ته ھر سال لکين زائرين ويندا آھن، جنھن سان ايران جي آمدني وڌي سگھي ٿي، ۽ ايران جي معيشت ۾ بھتري اچي سگھي ٿي، پر پاڪستان لاء اھو ممڪن نه آھي، تنھنڪري خطرو پيدا ٿيئڻ کان اڳ ئي خطري کي روڪي سگھجي ٿو.