ڪراچي ۾ 3 سالن جو ابراهيم مين هول جي نظر..!!

سيده سونيا منور

ڪراچي ۾ 3 سالن جو ابراهيم مين هول جي نظر..!!

ڪراچي ۾ پيش آيل دل خراش واقعو، جنهن ۾ شاه فيصل ڪالوني جو 3 سالن جو معصوم ابراهيم نِيپا چوڻگي جي ويجهو کليل مين هول ۾ ڪري پيو، شهر جي انتظامي صورتحال تي وڏو سوال اٿاري ٿو۔ هي حادثو رڳو هڪ خاندان جو درد ناهي، پر پوري سماج لاءِ الميو آهي، جيڪو اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته آخر شهري تحفظ جي ذميواري ڪير کڻندو؟ ڇا ڪراچي وارا ڊمپرن هيٺ اچي مري وڃڻ يا مين هول ۾ ڪري جان وڃائڻ لاءِ رهجي ويا آهن؟
هي سانحو انهي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته شهر ۾ کليل مين هول موت جا کوهه بڻيل آهن۔ والدين پنهنجي مدد پاڻ تحت سڄي رات ريسڪيو آپريشن ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي۔ ڪيترن ئي شڪايتن، ميڊيا جي نشاندهي ۽ ڪيترن حادثن باوجود لاڳاپيل ادارا انهن خطرناڪ هنڌن کي بند ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن۔ 3 سالن جي ابراهيم جي زندگي جو خاتمو به ساڳئي انتظامي غفلت جو نتيجو آهي۔
کليل مين هول ڪنهن به شهر ۾ قبولڻ جي قابل نه آهن، پر ڪراچي جهڙي وڏي آبادي واري شهر ۾ جتي لکين ماڻهو روز آمد و رفت ڪن ٿا، اها صورتحال وڌيڪ خطري جو باعث آهي۔ پاڪستان کي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ريونيو ڏيندڙ شهر ڪراچي اڄ لاوارث بڻجي چڪو آهي۔ شهر ۾ ڪو اهڙو رستو نه رهيو آهي جتي گاڏي يا موٽر سائيڪل آساني سان هلائي سگهجي، ۽ نه ئي ڪا گهٽي يا محلو بچيو آهي جتي ڪچري جا ڍير ۽ کليل گٽر نظر نه اچن۔
ڪراچي ۾ کليل مين هول ٻارن، عورتن ۽ بزرگن لاءِ موت جا کڏا بڻجي چڪا آهن۔ هن وقت ضروري آهي ته اهو طئي ڪيو وڃي ته هن غفلت جو ذميوار ڪير آهي؟ واٽر بورڊ، بلدياتي ادارا يا اهي ٺيڪيدار، جيڪي ڪم کان پوءِ مين هول بند ڪرڻ وساري ڇڏين ٿا؟ جوابدهي کان سواءِ هي سلسلو ڪڏهن به نه رڪندو۔ ننڍڙي ابراهيم جي والدين جو ڏک لفظن ۾ بيان نٿو ٿي سگهي، پر هن غفلت تي خاموشي وڌيڪ جانيون ضايع ڪرائيندي۔
ڪراچي جا رهواسي سالن کان هن مسئلي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن، پر باوجود ان جي کليل مين هولز کي ترجيحي بنيادن تي بند نه ڪيو ويو۔ شهري مطالبو ڪري رهيا آهن ته کليل مين هولز جي فوري نشاندهي، مرمت ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي۔ اهي قدم رڳو هنگامي بنياد تي نه پر مستقل طور تي کڻڻ گهرجن۔
هن واقع کانپوءِ لازمي آهي ته لاڳاپيل ادارا نه صرف جوابده ٿين پر عملي قدم به کڻن۔ متاثر خاندان کي انصاف، ذميوارن خلاف ڪارروائي ۽ مين هولز جو فوري بندش انتهائي ضروري آهي۔ شهر ۾ سيفٽي معيار تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ هاڻي وقت جي ضرورت بڻجي چڪو آهي۔
هي سانحو رڳو هڪ حادثو نه، پر هڪ خبردار ڪندڙ حقيقت آهي ته جيڪڏهن قدمن ۾ دير ٿي ته وڌيڪ حياتيون وڃائبيون۔ شهرين جي حفاظت رياست ۽ انتظاميه جي بنيادي ذميواري آهي، جنهن ۾ غفلت هاڻي ڪنهن صورت ۾ قبول نه آهي۔
اسان 3 سالن جي ابراهيم جي ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ اها اميد رکون ٿا ته هي واقعو اصلاح جي وڏي قدم جو سبب بڻجي۔ کليل مين هولز جو مڪمل خاتمو، سٺي نگراني ۽ تڪڙو ردعمل ئي ڪراچي کي محفوظ بڻائي سگهي ٿو۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رڳو افسوس نه پر عملي تبديلي ڏانهن قدم وڌايو وڃي۔