نوشهروفيروز ۾ ستين سنڌ ڪاليج گيمز بابت شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ راندين جي مقابلن جي افتتاحي تقريب

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ تقريب منعقد، ميمبر سنڌ اسيمبلي ممتاز علي چانڊيو خاص مهمان طور شريڪ

نوشهروفيروز ۾ ستين سنڌ ڪاليج گيمز بابت شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ راندين جي مقابلن جي افتتاحي تقريب

نوشهروفيروز (ڊ ر ) ستين سنڌ ڪاليج گيمز جي بابت ضلعي جي مختلف ڪاليجن جي شاگردن لاءِ راندين جي مقابلن جي افتتاحي تقريب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز ۾ منعقد ڪئي وئي. ميمبر سنڌ اسيمبلي ممتاز علي چانڊيو تقريب جو خاص مهمان هو، جڏهن ته تقريب ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج ايجوڪيشن شهيد بينظير آباد محمد سليمان سيال جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ ڊائريڪٽر ڪاليج ايجوڪيشن راندين جي مقابلن جو افتتاح ڪيو. انهن فٽبال ۽ ڪرڪيٽ کيڏي تقريب جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ميمبر سنڌ اسيمبلي چيو ته مون کي اڄ اهي راندين جا مقابلا ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته اهڙا راندين جا مقابلا سال ۾ نه رڳو هڪ ڀيرو پر هر مهيني منعقد ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته راندين جي واڌاري سان نوجوان شاگردن ۾ مثبت سوچ پيدا ٿئي ٿي. جن قومن جا راندين جا ميدان آباد هوندا آهن، اتي اسپتالون ويران هونديون آهن، تنهن ڪري رانديون صحتمند زندگي لاءِ تمام گهڻيون مفيد آهن. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ميمبر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز لاءِ پيور بلاڪ ۽ سولر سسٽم جي ترقياتي منصوبن کي ايندڙ سال جي سالياني اي ڊي پي ۾ شامل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. تقريب جو افتتاح ربن ڪٽي ڪيو ويو، جڏهن ته تقريب دوران مختلف گرلز ۽ بوائز ڪاليجن جي شاگردن راندين جا مقابلا پيش ڪيا جن ۾ ٽگ آف وار، 100 ميٽر ريس، ڪرڪيٽ، فٽبال ۽ ٻيون رانديون شامل آهن. تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي گيمز انچارج بشير احمد ٻوهيو چيو ته ضلعي جا پنج ڇوڪرن ۽ ست ڇوڪرين جا ڪاليج ھنن راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ضلعي جي ڪاليجن ۾ راندين جي ميدانن جي کوٽ آهي. تقريب دوران مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپي جا روايتي سنڌ جا تحفا پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليج آف ايجوڪيشن شهيد بينظير آباد قمرالدين ڪيريو، عبدالجبار ملاح، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن قمرالزمان ڀنڀرو، پرنسپل گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز پروفيسر عطا محمد سولنگي، پروفيسر نظام الدين تنيو، محمد اشرف جويو ۽ ٻين استادن ۽ شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي\