جنگشاهي ڪوھستان جي ديھ حاجي رودين جوکيو ۾ قائم گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتون اڻلڀ

اسڪول جي عمارت مڪمل طور زبون حالي جو شڪار، ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ معمول بڻيل، ٻارڙا خوف ۾ ورتل

جنگشاهي ڪوھستان جي ديھ حاجي رودين جوکيو ۾ قائم گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتون اڻلڀ

ٺٽو (ڊر)جنگشاهي ڪوھستان جي ديھ حاجي رودين جوکيو ۾ قائم گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ ۽ خطرناڪ حالت سبب تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي۔ اسڪول جي نياڻين طرفان “اسڪول ٺاھيو ـ ٻار بچايو” جا نعره لڳائي احتجاج پڻ ڪيو ويو۔ تفصيل موجب اسڪول ۾ سٺ کان مٿي نياڻيون داخل آهن، مگر افسوس جو نه صاف پيئڻ جو پاڻي موجود آهي ۽ نه ئي ليٽرين، باٿ روم يا فرنيچر جي سهولت مهيا ڪئي وئي آهي۔ اسڪول جي عمارت پراڻي ۽ ڀتڙيل هئڻ سبب ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔ ڳوٺاڻن ۽ هيڊ مسٽريس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته غريب والدين جون ٻارڙيون روزانه تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿيون، پر اسڪول جون حالتون حد کان وڌيڪ خراب آهن۔ هنن ٻڌايو ته هڪ ڪمرو جيڪو يونيسيف طرفان ڏنو ويو هو، اهو به هاڻي ڪمزور ۽ غير محفوظ ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٻيون بنيادي ضرورتون سخت ناڪافي آهن۔ هنن وڌيڪ ٻڌايو ته باوجود ڏکيائن جي هو تعليم جو عمل جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن، پر موجوده صورتحال ۾ اسڪول جي مرمت، نئين عمارت ۽ سهولتن جي فراهمي بنا ڪنهن دير جي ضروري آهي۔ هيڊ مسٽريس ۽ ڳوٺاڻن سيڪريٽري تعليم سنڌ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (DEO)، ڊي سي ٺٽو ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته: اسڪول جي عمارت جي فوري ٻيهر تعمير ڪئي وڃي نوان ڪمرا، فرنيچر ۽ ليٽرين جي سهولت فراهم ڪئي وڃي صاف پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي نياڻين جي تعليم لاءِ محفوظ ماحول يقيني بڻايو وڃي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ڪنهن به وقت وڏي نقصان جو انديشو آهي، جنهن جي ذميواري واسطيدار کاتن تي هوندي