ملير: شهري کي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏيندڙ سندس ئي ڊرائيور نڪتو

ملير ڪينٽ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

ملير: شهري کي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏيندڙ سندس ئي ڊرائيور نڪتو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ڪينٽ پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن ۽ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي مالڪ کان ڀتو طلب ڪرڻ ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو اهو ڪيس تعزيراتِ پاڪستان تحت مدعي جي مدعيت ۾ ٿاڻي ملير ڪينٽ تي داخل ڪيو ويو هو پوليس موجب جوابدار فون ڪال ۽ ڀتي جي پرچي ذريعي مالڪ کان 80 لک رپيا ڀتو گهريو هو، جڏهن تہ رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ مدعي کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون هيون ڳجهي اطلاع ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ڪيل ڪارروائي دوران پوليس ملزم کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي۔ گرفتار ملزم جي سڃاڻپ داوڊ خان طور ٿي، جيڪو حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته مدعي جو ذاتي ڊرائيور نڪتو۔ ملزم دورانِ تفتیش پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ڇڏيو۔پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ملزم خلاف ضابطي موجب قانوني ڪارروائي جاري آهي، جڏهن⁠تہ وڌيڪ جاچ لاءِ کيس CIA/SIU حوالي ڪري ڇڏيو ويو آهي۔ايس ايس پي ملير موجب، شهرين جي تحفظ لاءِ ضلع ملير پوليس هر وقت چست ۽ سرگرم آهي ۽ ڏوهارين خلاف هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن۔