ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ پوليو مهم بابت اجلاس

اجلاس ۾ ڊي ايڇ او سيد صفدر حسين شاهه ۽ اميونائيزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقا ۽ ٻيا شريڪ

ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ پوليو مهم بابت اجلاس

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ 15 کان 22 ڊسمبر 2025 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت دربار هال مڪلي ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊي ايڇ او سيد صفدر حسين شاهه ۽ اميونائيزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ سميت يونيسيف، صحت، تعليم، لوڪل گورنمينٽ، مرف، پي پي ايڇ آءِ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايندڙ پوليو مهم کي تيز ڪندي پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي اهميت ۽ معياري مائڪرو پلان جوڙن تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڊي ايڇ او سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن تي زور ڀريو ته پوليو ٽيمن جي نگراني تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته يو سي ايم اوز ۽ ايريا انچارجز سميت گهربل عملي جي موجودگي ۽ اعليٰ معيار جي تربيت کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پوليو ٽيمن جي گهر گهر موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رھجي نه وڃي. هن چيو ته پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان انڪار جي صورت ۾ مقامي معززين کان مدد ورتي وڃي ته جيئن انڪار ڪندڙ ٻارڙن کي به پوليو جا ڦڙا پياري سگهجن. هن چيو ته اسان سڀني کي هن قومي مقصد ۾ گڏجي محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي ته جيئن ملڪ مان پوليو جو خاتمو آڻي سگهجي. اجلاس ۾ مهم دوران درپيش چئلينجن تي بحث ڪيو ويو ۽ مستقبل لاءِ ايڪشن پلان پڻ تيار ڪيو ويو. ان کان اڳ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪُمار ايندڙ مهم جي تيارين ۽ درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. هن ٻڌايو ته ايندڙ مهم دوران ضلعي ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ گشتي، فڪسڊ ۽ ٽرانزٽ ٽيمون جوڙيون ويون آهن تہ جيئن مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻائي سگهجي.