ٺٽو: جاني عثمان خاصخيلي ڳوٺ ۾ فري موبائيل ميڊيڪل ڪيمپ، سوين مريضن جو علاج

گيان چند ايسراڻي جي خاص هدايتن تي ريھيبيليٽيشن کاتي پاران فري ميڊيڪل وين موڪليو وئي

ٺٽو: جاني عثمان خاصخيلي ڳوٺ ۾ فري موبائيل ميڊيڪل ڪيمپ، سوين مريضن جو علاج

ٺٽو(ڊ ر)وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري/صوبائي صلاحڪار محترم گيان چند ايسراڻي جي خاص هدايتن تي ريھيبيليٽيشن کاتي پاران فري ميڊيڪل اسپتال جو موبائيل يونٽ ڳوٺ حاجي عثمان خاصخيلي، ٻولھاڙي، يو سي اونگر، تعلقو ٺٽو ۾ ڪيمپ لڳائي وئي، جتي سوين غريب مريضن کي سندن گهرن جي در تي علاج جون مڪمل مفت سهولتون فراهم ڪيون ويون.موبائيل ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن پاران جديد مشينري ذريعي مختلف بيمارين جا ٽيسٽ، تشخيص ۽ علاج مهيا ڪيو ويو، جڏهن⁠ته عورتن، ٻارن ۽ بزرگن لاءِ الڳ چيڪ اپ ڊيسڪ قائم ڪيون ويون. ڪيمپ ۾ مريضن کي مفت دوائون، اسڪريننگ ٽيسٽ، بلڊ پريشر ۽ شگر چيڪ اپ به ڪيو ويو.تنوار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي رضاڪارن جي ٽيم، جنهن ۾ اسلم خاصخيلي، محمد خاصخيلي ۽ شبير احمد شورو شامل هئا، ميڊيڪل ڪيمپ جي مڪمل نگراني ڪئي. رضاڪارن ڳوٺاڻن ۾ صحت جي شعور بابت آگاھي مهم پڻ هلائي، جنهن تحت صفائي، پاڻي جي حفاظت ۽ عام بيمارين کان بچاءَ بابت ڄاڻ ڏني وئي. تنوار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ذميوارن چيو ته غريب ۽ پسمانده علائقن تائين صحت جون سهولتون پهچائڻ سندن پهرين ترجيح آهي، ۽ انهن جي ڪوششن سان وڌيڪ ڳوٺن ۾ به اهڙيون ڪيمپس لڳايون وينديون.ڳوٺ واسين محترم گيان چند ايسراڻي صاحب جو ء سرڪاري ادارن ۽ رضاڪارن جي خدمتن تي خوشي ۽ تشڪر جو اظهار ڪيو، ۽ چيو ته اهڙيون ڪيمپس سندن لاءِ وڏو رليف آهن، ڇاڪاڻ⁠ته دور دراز علائقن جي ماڻهن کي شهرن تائين وڃڻ ڏکيو هوندو آهي.