English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل عهديدارن حلف کڻي ورتو
396 views
|
27th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پنچائيت هال ننگرپارڪر ۾ شاندار حلف برداري تقريب منعقد، برادري جي ماڻھن جي وڏي انگ ۾ شرڪت
عمرڪوٽ (رپورٽ: ڪانجي مل رکيسر) پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ميرپورخاص ڊويزن ۽ صدر پنچائيت پارڪر ميگھواڙ برادري جي نون چونڊيل کٽيل پينل جي عهديدارن پنهنجي عهدي جو آئيني طور حلف کڻي ورتو، تقريب پنچائيت هال ننگرپارڪر ۾ شاندار نموني منعقد ٿي، جتي برادري جي معززن ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب دوران اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين گلاب راءِ جئپال ۽ سرپرست اعليٰ ڀمرلال درڙا نون عهديدارن کان حلف ورتو، چونڊيل ٽيم ۾ صدر وينجھراج اينپا، نائب صدر مھرو مل وارسور، جنرل سيڪريٽري ميوارام ميريا، خزانچي نرسنگھ لووا، نائب خزانچي نندلال ٻڍيا.جوائنٽ سيڪريٽري سروڻ جيئپال.۽اطلاعات سيڪريٽري گوتم ٻوچيا شامل آهن، تقريب ۾ مھمان خاص طور اڳوڻو صدر ڏيوجي مل پتاريا، انجنيئر گووند راجا پتاريا، انجنيئر واڌو مل، ماسٽر منون مل، ڊاڪٽر شنڪر لال پتاريا، ڊاڪٽر ڏونگرو مل پڍيار، مينيجر سارنگ ٻوچيا، لڇمڻ ڀٽائي کوکر، شنڪر لال کوکر ۽ برادري جي ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳايا، برادري اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان عهديدار نيڪ نيتي، ايمانداري ۽ خدمت جي جذبي سان پنهنجي ذميوارين کي نڀائيندا ۽ برادري پڻ کين مڪمل ساٿ ڏيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن
پنچائيت هال ننگرپارڪر
0 تبصرے