صاحبزادہ علامہ الشاهه محمد اويس نوراني صديقي جي مدبرانہ سياسي بصيرت

تحرير : عبدالفتاح عباسي

صاحبزادہ علامہ الشاهه محمد اويس نوراني صديقي جي مدبرانہ سياسي بصيرت

پوري ملڪ پاڪستان ۾ جيڪڏهن چوٽيءَ جي عالمن ۾ سرفهرست طور تي ڪو نمايان ۽ صف اول جو مدبر عالم ، اسڪالر ۽ ڏاهو هن صديءَ ۾ نالو کنيو ويندو هيو ته انهن ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان جي سربراهه، ورلڊ اسلامڪ مشن جي چيئرمين ۽ ملڪ پاڪستان جي سمورين مذهبي جماعتن، سمورن مسلڪن جي متحده مجلس عمل جي باني حضرت علامه حافظ الشاهه احمد نوراني صديقي رحمت الله عليه جو نانءُ آهي، هيءَ اها بيمثال ۽ نرالي شخصيت جا مالڪ هيا، جن هميشه اسلام جي بي مثال خدمت ڪري باطل قوتن کي للڪاريو ۽ دين جي دشمنن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو، هيءُ مدبر اسلامي دنيا جو عظيم ليڊر علامه الشاهه احمد نوراني صديقي رح سنڌ جي دل ۽ دماغ ڪراچيءَ شهر مان ٻه دفعا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ ٻه دفعا سينيٽر چونڊجي پنهنجي مسلڪ حق جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ اسلامي پيغام دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ لاءِ ورلڊ اسلامڪ مشن ذريعي انگلش زبان ۾ دنيا وارن آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي غلامن تائين ڀرپور پيغام پهچايو ويو ، جنهن ڪري جرمني، جاپان، انگلينڊ، يورپ جي اندر وڏي انگ ۾ الله جا گهر مسجديون قائم ٿين لڳيون ۽ اتي پنج وقت آذان “ الله اڪبر ، الله اڪبر جو پڙاڏو گونجڻ لڳو ۽ اهڙي طرح علامه الشاهه احمد نوراني صديقي جي ڪوششين سان پاڪستان ۾ جنهن وقت شيعه ديوبندي فساد عروج تي پهچي ويا هيا ته انهي وقت هن مرد قلندر حضرت علامه الشاهه احمد نوراني صديقي رحمت الله عليه ملڪ جي مڙني مذهبي جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي متحد ۽ منظم ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل اجلاس گهرايو جنهن ۾ تمام مڪاتب فڪر جي سياسي مذهبي عالمن ڀرپور شرڪت ڪئي. جنهن ۾ جماعت اسلامي جو سابق امير قاضي حسين احمد، جمعيت علماءِ اسلام جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، شيعه تنظيم سربراهه علامه ساجد نقوي سميت ٻين شرڪت ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ويو ته هن ملڪ ۾ ڪو به شيعه سني فساد ناهي صرف ڪن ماڻهن جي چال ۽ شرارت سبب ملڪ ۾ اهڙي قسم جا وڳوڙ ڪرائي ڪي ماڻهو پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهي لاءِ جڏهن اسان سڀ هڪ جڳهه تي هڪ پليٽ فارم تي ويهنداسين ته پوءِ انشاءَ الله اهڙي قسم جون شرارتون ۽ فساد ڪرائيندڙ ماڻهو ناڪام ٿي ويندا جنهن کان پوءِ مذهبي جماعتن جو“ متحده مجلس عمل ” ايم ايم اي جو سگهارو اتحاد جڙيو جنهن جا باني ۽ سربراهه علامه الشاهه احمد نوراني صديقي کي وڏي اڪثريت سان چونڊيو ويو، انهي کانپوءِ مذهبي فساد ڪرائيندڙ ڌرين عناصرن جو موت ازلي بڻجي ويو ۽ اهڙي طرح نوراني صاحب جي بصيرت ۽ شاندار ڪوششين سان مختلف وقتن ۾ اسلام لاءِ ڪوششون رهيون پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ يا وري محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ به هن اسلامي تاريخي ڪم ڪيا جنهن ۾ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيڻ سميت ٻيا شامل آهن، هن عظيم شخصيت اسلامي ليڊر حضرت علامه شاهه احمد نوراني صديقي جو وڇوڙو 16 شوال 1424 هه بمطابق 11 ڊسمبر 2003ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن کي ڪراچي ۾ درگاهه حضرت عبدالله شاهه غازي رحمت الله عليه جي ڀر ۾ جاء فني وئي، سندس جي صاحبزادگان ۾ علامه الشاهه محمد انس نوراني صديقي ۽ علامه شاهه محمد اويس نوراني صديقي آهن. جيڪي به پنهنجي والد گرامي جي نقش قدم تي هلندي دين اسلام جي خدمت ڪري رهيا آهن. مجاهد ملت شير مصطفي ﷺ جيان هر وقت پهرين صف ۾ بيٺل شخصيتن ۾ سندن جو ٻيو نمبر صاحبزادو علامه الشاهه محمد اويس نوراني صديقي دامت برڪاتهم العاليه جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هن مرد مجاهد حضرت علامه الشاهه محمد اويس نوراني صديقي جي پيدائش 22 نومبر 1970 ع ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ٿي، سندس جي ابتدائي تعليم ڪراچي ۾ ٿي ۽ اهڙي طرح پاڻ با گريجوئيٽ ڪئي اتائون ، پاڻ اردو، انگلش، عربي، اسپينش ۽ ٻين زبانن ۾ پرچار اسلام ڪري رهيا آهن، هو پنهنجي عظيم والد جيان دين اسلام تان قربان وڃڻ واري جذبي، شوق ذوق ۾ ٽمٽار رهندي، پوري ملڪ جي سنڌ ،پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا ،آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اشاعت اسلام اسلام جي پرچار ڪرڻ لاءِ هر وقت سرگرم عمل رهيو آهي، هو مذهبي جماعتن متحدہ مجلس عمل ايم ايم اي ۾ جماعت اهلسنت پاران قيادت ڪندڙ شخصيت طور مختلف مسلڪن، فرقن طبقن جي سامهون پنهنجي جماعت اهلسنت جو چٽو ۽ واضع موقف ڏيندا رهيا آهن، انهيءَ سلسلي ۾ علامه الشاهه محمد اويس نوراني صديقي جون ڪوششون نظام مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم لاءِ جاري آهن. سندن جو چوڻ آهي ته رسم شبيري ادا ڪندي باطل قوتن کي جيستائين نٿو للڪاريو وڃي تيستائين اسان ڪيئن حسيني فلسفي تي عمل پيرا ٿي سگهون ٿا، حسينيت جي پرچار مسجد ۽ منبر تائين صرف محدود ناهي بلڪ اصل ۾ بي دين، بدمذهب، باطل قوتن جي غليظ خرافات دهشت ۽ وحشت خلاف اٿي کڙو ٿيڻ ۽ انهن خلاف بغاوت ڪرڻ ئي اسلام جي اصل تعليمات آهي، جڏهن به وقت جا فرعون، نمرود ۽ يزيد ظاهر ٿين تڏهن حسينيت جو پيغام سرخرو ۽ بلند ٿيڻ گهرجي انهي لاءِ وقت جي فرعونن سان مهاڏو اٽڪائڻ حق و صداقت جو علم بلند ڪرڻ ۾ ئي انسانيت جي خير خواهي ڪرڻ جو درس آهي. جمعيت علماء پاڪستان جي پليٽ فارم ۾ مرڪزي قيادت الشاهه محمد اويس نوراني صديقي دامت برڪاتهم العاليه جي نگراني ۾ وقت جي ضرورت آهي ته ڪراچي کان اسلام آباد تائين ملڪ جي چئني پاسن کان علامه الشاهه احمد نوراني صديقي رح جو فيضان آهي، هاڻي به سنڌ جي اندر هڪ وڏو عاشقان رسول ﷺ جو تعداد دل و جان سان عشق رسول ﷲ ﷺ جي پيغام کي نوراني صاحب جي نظريه ،فلسفي ، انداز بيان سياست ۾ يقين رکندڙ آهي ۽ چئني صوبن سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خَیبر پختونخوا سان گڏ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، ڦاٽا ،علاقه غير سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن جا عشاق پنهنجي محبوب قومي ليڊر جمعيت علماء پاڪستان جي سربراهه ،ورلڊ اسلامڪ مشن جي چيئرمين ۽ متحده مجلس عمل جي سربراهه و باني عظيم اسلامي اسڪالر علامہ الشاهه احمد نوراني صديقي جي والهانه اسلامي سياسي ملڪي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي. دعا آهي ته رب پاڪ سندن جي صاحبزادگان کي ڪامل صحت ،تندرستي، وڏي حياتي عطا فرمائي آمين ثم آمين يا رب العالمين عزوجل.