ڪارونجهر، ٿرپارڪر جي ڌرتيءَ تي بيٺل اهو جبل صرف پٿرن جو ڍير ناهي، پر سنڌ جي روح، تاريخ، ثقافت، عقيدت ۽ فطرت جو علامتي نشان آهي. هزارين سال پراڻي تهذيبن، نسلن جي زندگي ۽ سنڌي عوام جي جذبات، ايمان ۽ محبت جو عڪاس هجڻ سبب مقامي ماڻهو ان کي پنهنجي سڃاڻپ جو اهم حصو سمجهن ٿا. ڪارونجهر نه رڳو مقامي ماڻهن جي روزمره جي زندگيءَ سان جڙيل آهي، پر اهو سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ عالمي روحاني ورثي جو اهم نمائندو پڻ آهي. برسات کان پوءِ ڪارونجهر جو قدرتي حسن وڌيڪ نمايان ٿئي ٿو، جڏهن ان جي آبشارن مان صاف پاڻي وهي ٿو، سائي چادر وڇائجي ٿي، ۽ جبل جي گهاٽين مان ناياب جڙي ٻوٽيون، جانورن جي پناهگاهه ۽ پرين پکيئن جو ڏيک فطرت جي جماليات پيش ڪري ٿو. هي جبل ٿرين لاءِ حياتيءَ جو اهم ذريعو آهي، جنهن ۾ ماحولياتي توازن، چراگاهه ۽ پاڻي شامل آهن. ان جي قدرتي وسيلن ۾ مقامي ماڻهو پاڻي، چراگاهه ۽ جڙي ٻوٽين سان گڏوگڏ پنهنجو گذارو يقيني بڻائين ٿا، جيڪي هتي جي زندگيءَ جو بنيادي حصو آهن. ڪارونجهر صرف فطري جبل نه آهي، پر قديم عقيدن، هندومت، جين مت ۽ ٻين مقامي مذهبن جا مقدس ماڳ، مندر، غار اندر عبادتگاهون ۽ پيرن جا دڳ پڻ موجود آهن، جيڪي سنڌ جي ثقافتي ۽ روحاني ورثي جو اهم حصو آهن. مقامي ماڻهن جو جبل سان جذباتي تعلق گهرو آهي ۽ اهي ان جي حفاظت کي پنهنجي زندگيءَ سان جڙيل سمجهن ٿا. اهي جبل جي پاڪيزگي، فطرت جي حسن ۽ تاريخي اهميت کي پنهنجي زندگيءَ جو لازمي جزو سمجهن ٿا. گذريل سالن کان ڪارونجهر کي گرينائيٽ لاءِ ڌماڪن ذريعي ٽوڙڻ جون ڪوششون جاري رهيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ هن جبل کي ثقافتي ۽ تاريخي ورثو قرار ڏئي، ڪٽائي تي پابندي لڳائي هئي، پر ڪجهه قوتون فيصلن کي چئلينج ڪري جبل جي تباهي جا رستا کولڻ چاهن ٿيون. ڪارونجهر جو ڪيس وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جيڪو وفاقي قبضي کي وڌائڻ جو واضع مثال آهي. 27هين ترميم وفاقي ڪنٽرول جا دروازا کولڻ لاءِ اهم قدم آهي، جنهن ذريعي سنڌ جو پاڻي، زمينون، ٻيلا، ڪوئلو، گيس، بندرگاهون ۽ ٻين وسيلن تي وفاقي قبضي جا موقعا وڌي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪارونجهر وفاقي ڪنٽرول هيٺ اچي ٿو، ته عوام جي رضامندي کان سواءِ وسيلن تي قبضو ممڪن آهي، جيڪو سنڌ جي وحدت، خودمختياري ۽ ثقافتي سڃاڻپ لاءِ وڏو خطرو آهي. سنڌ جي وڪيل برادري ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ سرگرم رهي آهي. سکر، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته 27هين ترميم قبول نه آهي ۽ وفاقي عدالت ۾ ڪيس نه هلايو وڃي. هزارين رڪاوٽن جي باوجود وڪيل سي ايم هائوس تائين پهچي احتجاج ڪيو ۽ مقامي انتظامي رڪاوٽن کي هٽايو. سندن مؤقف آهي ته سنڌ سرڪار فوري طور ڪارونجهر بابت وفاقي ڪيس واپس وٺي ۽ صوبائي سطح تي جبل جي تحفظ کي يقيني بڻائي. مقامي واسي پڻ ڪارونجهر جي حفاظت لاءِ سرگرم آهن ۽ سڄي سنڌ ڪارونجهر لاءِ آواز بلند ڪري رهي آهي. انهن جو موقف آهي ته جبل کي روحاني، ثقافتي ۽ اقتصادي سڃاڻپ طور بچايو وڃي ۽ ڪنهن به منصوبي يا وسيلن جي کوٽائي مقامي رضامندي کان سواءِ نه هلي. ڪارونجهر جو تحفظ رڳو قانوني مسئلو ناهي، پر سياسي، سماجي ۽ انساني ضمير جو امتحان پڻ آهي. ڪارونجهر عالمي سطح تي فطري، ثقافتي ۽ تاريخي اهميت رکي ٿو. حڪومت، ثقافتي ادارا ۽ سول سوسائٽي کي گهرجي ته ڪارونجهر کي عالمي ورثي طور رجسٽرڊ ڪرايو وڃي. جبل جي حفاظت لاءِ ماحول دوست سياحت، ثقافتي مارڪيٽ ۽ مقامي هنر کي فروغ ڏنو وڃي، جيئن مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿين. نئين نسل کي پنهنجي جبلن، درياهن، ٻولين ۽ تاريخي ماڳن بابت ڄاڻ هجڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي سڃاڻپ ۽ ورثي بابت شعور رکن. ميڊيا، ليکڪ، صحافي ۽ فنڪار ڪارونجهر بابت مسلسل آگاهي مهم هلائن، جيئن عوام سرگرم ٿي ۽ جبل جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪري. ڪارونجهر صرف جبل ناهي، پر سنڌ جي روح، ثقافت، تاريخ، فطرت ۽ مستقبل جو عڪس آهي. ان کي بچائڻ اسان جي ذميواري ۽ تاريخي فرض آهي. وڪيل، ميڊيا، سول سوسائٽي، مقامي برادرين ۽ هر باشعور انسان کي گهرجي ته گڏجي آواز بلند ڪن، جيئن هي تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني جبل هميشه محفوظ رهي. اسان سنڌ جي عوام جو ھڪ ئي نعرو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي ڪو به وار برداشت نه ڪبو، ڪارونجهر ۽ سنڌ جي ثقافتي، روحاني ۽ فطري ورثي کي بچائڻ اسان سڀني جي اهم ذميواري آهي. اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ فطرت جو مستقبل هن جبل سان جُڙيل آهي، ۽ ان جي حفاظت ئي اسان جي قومي ۽ صوبائي شعور جو عڪس آهي.!
0 تبصرے