English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
249 views
|
16th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس دربار هال مڪلي ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ ضلعي اندر سماجي ۽ سياسي هم آهنگي کي ھٿي ڏيڻ، عوامي رابطا بهتر بڻائڻ ۽ خاص طور تي نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاگت اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوانن کي راندين، ثقافتي ۽ تعميري سرگرمين ۾ مصروف رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جيئن کين منفي رجحانن کان پري رکيو وڃي۔ هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ ۾ سهڪار سان اهڙا پروگرام ترتيب ڏين، جيڪي نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪن۔ اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٿيندڙ فيصلن تي مؤثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته عوامي مسئلن ۽ شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪميٽي جو هر مهيني باقاعدي اجلاس منعقد ڪيو ويندو ۽ ڪارڪردگي رپورٽ لاڳاپيل فورمن ڏانهن اماڻي ويندي، جڏهن ته مختلف کاتن وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ مؤثر بڻايو ويندو۔ ان موقعي تي ضلعي ۾ امن، ترقي ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ گڏيل قدم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وليد ڊاوچ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ اريجه بتول، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر علي اظهر، چيف آفيسر ضلع ڪائونسل علي حيدر شاهه، چيف ميونسپل آفيسر سهيل شاهه، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت
0 تبصرے